16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: ڪوٽڙي: هٿياربندن  هٿان گڏھ گاڏو هلائيندڙ پورهيت گوليون هڻي  قتل

Kotri: Armed men killed old worker by firing him with gun*ڪوٽڙي جي  سائيٽ ٿاڻي جي حد کڏا ڪالوني ۾ ٻن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن گڏھ گاڏو هلائيندڙ پورهيت کي ڳوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

مسلم ٽائون واري علائقي ۾ ٻٽ ٻڌل هٿياربندن   45 ورهين جي پورهيت  سڪندر کونهارو کي ڳوليون هڻي قتل  ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو   جتي ضروري ڪاروائي بعد  لاش وارثن حوالي  ڪيو ويو.

ان موقعي تي مقتول جي پٽ صدام کونهارو  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي هو غريب پورهيت آحن.

هن چيو تھ  سندس والد جيئن ئي صهٻ جو  گهران  روزگار لاءِ نڪتو تھ  مسلم ٽائون واري علائقي ۾  کيس ڳوليون هڻي قتل ڪيو ويو آھي.

متاثڙن  مطالبو ڪيو ته  واقعي جي جاچ ڪرائي   جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

ٻڌايو پيو وڃي تھ مقتول پورهيت سڪندر علي کونهارو اصل خيرپورناٿن شاھ جي ڳوٺ سنگڙ جو رهواسي آهي.

ايس ايڇ او سائيٽ منور چانڊئي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تھ   ٻن  موٽر سائيڪل سوارن ڳوليون هڻي پورهيت  سڪندر کي قتل ڪيو آھي.

هن چيو تھ  واقعو ذاتي دشمني لڳي رهيو آهي  پر  وارثن جو چوڻ آهي تھ سندن ڪنهن سان بھ دشمني ناهي.

واقعي جو ڪيس وارثن جي فرياد تي داخل ڪري جوابدارن کي  جلد گرفاتر ڪيو ويندو.

هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن تھ  آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نھ ٿي سگهيو آهي………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے