19 پیر , نومبر 2018

صدر جي اڄ چونڊ، مخالف ڌر جي گڏيل اميدوار جون آخري ڪوششون ناڪام، ن ليگ جو انڪار

اسلام آباد (ُويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته صدارتي چونڊن لاءِ پولنگ اڄ اڱاري تي قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ صبح جو 10 وڳي کان شام جو 4 وڳي تائين ٿيندي. ڪل 3 اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيندو، ڳڻپ بعد فارم 5 تي نتيجو ٻڌايو ويندو. سومر تي اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڊيشنل ڊائيڪٽر جنرل ميڊيا نديم قاسم ٻڌايو ته اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 27 آگسٽ مقرر ڪئي وئي هئي. ان تاريخ تائين 12 اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا جن مان 8 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ ڇنڊ ڇاڻ دوران رد ڪيا ويا جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي اميدوار امير مقام  پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا. اهڙي ريت هاڻي مولانا فضل الرحمان، ڊاڪٽر عارف علوي ۽ اعتزاز احسن سميت 3 اميدوار ميدان ۾ آهن. ووٽرن جي حتمي فهرست پرزائيڊنگ آفيسرن جي حوالي ڪئي وئي آهي، پولنگ دوران چئني صوبائي اسيمبلين ۽ پارليامينٽ جي سيڪيورٽي رينجرز وٽ هوندي. هن ٻڌايو ته صدارتي چونڊن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جو طريقو عام چونڊن وانگر سيڪريٽ بيلٽ آهي، ووٽرز اسيمبلين طرفان جاري ڪيل ڪارڊ جي بنياد تي ئي ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا. بيلٽ پيپرز جي مٿان ٽنهي اميدوارن مان پنهنجي پسند جي اميدوار جي نالي  جي آڏو ”ٽڪ“ جو نشان لڳائي ووٽ ڪاسٽ ڪيو ويندو. 5 سيپٽمبر تي چونڊ نتيجن جو فارم 7 تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته ميڊيا جي نمائندن  کي پريس گئلري مان ڪوريج جي اجازت هوندي. فوٽيج فقط پاڪستان ٽيليويزن  ٺاهيندي جنهن کي اها سموري ميڊيا کي جاري ڪندي. پولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ تي پرزائيڊنگ آفيسر ڳڻپ  ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ٽنهي صوبائي اسيمبلين جي وڌل ووٽن کي بلوچستان اسيمبلي جي 65 ووٽن سان تقسيم ڪري ووٽ شيئر ڪيا ويندا. جڏهن ته بلوچستان اسيمبلي، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جو هڪ هڪ ووٽ شمار ٿيندو. اڄ ملڪ جو 13 هون صدر چونڊيو ويندو، جنهن لاءِ 1121 ووٽر آهن، اسيمبلين جون 53 سيٽون خالي آهن، جن ۾ سينيٽ جون 2، قومي اسيمبلي جون 12 ۽ صوبائي اسيمبلي جون 30 سيٽون شامل آهن، سنڌ اسيمبلي جون 3 سيٽون خالي آهن ۽ جن قسم ناهي کنيو، اتي 163 ووٽر آهن. خيبر پختون خوا جي 124 ميمبرن مان 12 سيٽون خالي آهن ۽ 112 ووٽر ووٽ ڏيندا. بلوچستان اسيمبلي جا 65 مان 60 ميمبر ووٽ ڏيندا ٻه سيٽون خالي آهن ۽ ٽن ميمبرن حلف ناهي کنيو. پنجاب جي 371 مان 13 سيٽون خالي آهن. ووٽرن جو تعدد 354 آهي. پي ٽي آءِ جي صدارتي اميدوار عارف علوي ۽ جهانگير ترين بي اين پي مينگل جي سربراهه اختر مينگل سان ملاقات ڪئي. اختر مينگل عارف علوي کي حمايت جي خاطري ڪرائي. جهانگير ترين اختر مينگل جا 6 مطالبا منظور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ان موقعي تي عارف علوي چيو ته بلوچستان سميت سمورن صوبن کي حق ڏينداسين. هن چيو ته عمران خان جي بلوچستان جي ترقي ۽ بحالي بابت هاڪاري سوچ آهي. سندس چوڻ هو ته بلوچستان سان ڪيل واعدن کي پورو ڪيو ويندو. سردار اختر مينگل چيو ته بلوچ عوام جو محرومي وارو احساس ختم ڪرڻ ضروري آهي.ٻئي طرف صدارتي چونڊ لاءِ مخالف ڌر جو گڏيل اميدوار آڻڻ لاءِ آخري وقت ۾ مولانا فضل الرحمان مشروط طور راضي ٿي ويو. پ پ وفد ن ليگ قيادت سان ملاقات لاءِ پهچي ويو. ڪالهه مولانا فضل الرحمان صدارتي چونڊن بابت پ پ جي شريڪ چيئرمين سان ملاقات ڪئي ۽ معاملي تي ڳالهيون ڪيون. پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر چيو ته مولانا فضل الرحمان ملاقات بعد راضپو ڏيکاريو ته جيڪڏهن شهباز شريف راضي ٿئي ته اعتزاز احسن جي هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهيان. فرحت الله بابر چيو ته اعتزاز احسن اميدوار ٿيو ته چونڊ کٽي به سگهي ٿو. ٻئي طرف شهباز شريف اعتزاز احسن کي اميدوار مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جيو نيوز موجب مسلم ليگ ن ۾ صدارتي چونڊ تي اختلاف آهن. مرڪزي اڳواڻ ۽ نواز شريف جا ساٿي سينيٽر پرويز رشيد جي اعتزاز احسن جي معافي وٺڻ جي بيان جي مخالفت ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گم ٿيل جوابدار جي عدم بازيابي تي گهرو ۽ بچاءَ جي سيڪريٽرين تي 20 لک ڏنڊ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل جوابدار جي عدم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے