14 بدھ , نومبر 2018

صدر ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان پهريون پنهنجي گهر جي ڊرينيج ٺيڪ ڪرائيندس: عارف علوي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي صدارتي اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪنهن هڪ پارٽي نه پر سموري ملڪ جو صدر ٿيندس، آئيني دائري ۾ رهندي مسئلا حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس، سمورا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڀرپور محنت ڪندس. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته منهنجي گهر جي ڊرينيج ٺيڪ ناهي، بيڊ روم ۾ پاڻي بيٺل آهي، صدر ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڪم پنهنجي گهر جي ڊرينيج ٺيڪ ڪرڻ جو ڪندس. هن چيو ته صدر ٿيڻ کانپوءِ ايوان صدر وڃي ملڪ جا ٻيا ڪم ڪرڻ شروع ڪندس. سندس چوڻ هو ته عمران خان ملڪي خدمت لاءِ نامزد ڪيو آهي، مان خاموش صدر نه هوندس. عارف علوي چيو ته پاڪستان جنهن ڪناري تي آهي تنهن کي اتان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندس، آئين جي دائري ۾ رهندي ڪم ڪيو ويندو. عارف علوي چيو ته ملڪي ترقي لاءِ حڪومت ايندڙ ڪجهه سالن دوران شارٽ ٽرم، مڊ ٽرم ۽ لانگ ٽرم قدم کڻندي.هن چيو ته صدر ٿيڻ کانپوءِ سمورن پارٽي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے