16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: باڊھ: سياسي سماجي ڌرين  پاران   شهر جا مسئلا حل نھ ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي

Badah: Protesting rally for not solving issues of city*باڊھ شھر  ۾ مختلف سياسي سماجي ڌرين  جي ڪارڪنن پاران شهر جا مسئلا حل نھ ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو .

ڪارڪنن  قادر بروهي ،منور نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ درگاه شريف چوڪ کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي .

 ان موقعي تي ميڊيا ساب ڳالهائيندي  هنن چيو ته باڊھ شھر هڪ قديم ۽ تاريخي شھر هئڻ سان گڏ لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪاروباري ۽ آدم شماري جي حوالي سان ٻيو نمبر وڏو شھر آهي.

هنن چيو تھ  انتظاميا جي نااهليءَ  سبب شھري کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن جنهن سبب شهري ڪيترين ئي بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن.

سندن چوڻ هو تھ شهر  ۾   اسٽريٽ لائيٽ نه هئڻ ڪري  رات جي وقت شهر اونداهيءَ ۾ ٻڏل آهي  جڏھن ته شھر جي  14 وارڊن ۾ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان  هلندڙ ترقياتي ڪم به ٺيڪدار اڌ ۾ ڇڏي هليا ويا آھن.

هنن  سنڌ سرڪار ۽ ٻين اختيارين کان گهر ڪئي ته شھر جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے