16 جمعہ , نومبر 2018

سوشل ميڊيا کان پاسو ڪريو، ۽ صحتمند زندگي گذاريو: ماهر

Avoid Social Media, and Have a Happy Life: Expertلنڊن(ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته سوشل ميڊيا کان پري رهي ڊپريشن کي ختم ڪري ننڊ کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ۽ خوش ۽ صحتمند زندگي گذاري سگهجي ٿي.ان بنياد تي هڪ سرڪاري تنظيم ”اسڪرول فري سپٽمبر“ ملهائيندي عوام کي فيسبڪ، ٽوئيٽر ۽ انسٽاگرام کان هڪ مهينو تائين پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. اسڪرول فري سپٽمبر ۾ رڳو برطانيا ۾ 3 لک 20 هزار ماڻهن ان مهم ۾ حصو وٺڻ جو وعدو ڪيو آهي ۽ انهن پهرين سپٽمبر کان سوشل ميڊيا کي هڪ مهيني تائين خيرآباد ڪري ڇڏيو آهي. اها مهم رائل سوسائيٽي فار پبلڪ هيلٿ(آر ايس پي ايڇ) هلائي آهي تنظيم جي ماهرن ايتري تائين چيو آهي ته سوشل ميڊيا کان پرهيز سگريٽ نوشي جهڙي عادت ترڪ ڪرڻ جهڙو عمل آهي. عالمي سطح تي scroollfreeseptember  جو هيش ٽيگ مشهور ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ماڻهو 30 ڏينهن لاءِ فيسبڪ، انسٽاگرام ۽ ٽوئيٽر جو استعمال نه ڪندا. ماهرن چيو آهي ته ان سان عوام جي ذهني ۽ دماغي صحت تي مثبت تي اثر پوندا. آر ايس بي ايڇ ان سلسلي ۾ ڪيترائي پروگرام ۽ طريقڪار پيش ڪيا آهن مثال طور ميڊيا ايپس کي مڪمل طور تي هڪ مهيني لاءِ بند ڪرڻ يا ڪم ۽ تعليم جي وقت ان جي استعمال کان پاسو ڪرڻ ۽ رات جي وقت سوشل ميڊيا کان پري رهڻ جهڙا طريقا شامل آهن. آر ايس بي ايڇ برطانوي ذريعن جي حوالي سان چيو آهي ته سوشل ميڊيا جي اچڻ کان برطانيا ۾ 18 ورهين تائين جي ٻارن طرفان پاڻ کي اذيت ۽ زخمي ڪرڻ وارن واقعن ۾ ٻيڻ تي اضافو ٿيو آهي، ان جو سبب سوشل ميڊيا جو دٻاءُ ۽ ڊپريشن پڻ آهي.ماهرن سمارٽ فون ۽ ڊپريشن جي وچ ۾ تعلق کي پڻ واضح ڪيو آهي ۽ ان بنياد تي سوشل ميڊيا کان پري رهڻ يا ان جو محدود استعمال تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

روشني سان دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ جي تياري

سڊني(ويب ڊيسڪ)دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ تيار ڪرڻ جي ڪششن  ۾ آسٽريليا جي تحقيق به …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے