21 بدھ , نومبر 2018

نواز ليگ کان پوءِ هاڻي پ پ جو امتحان

ڊاڪٽر در  محمد پٺاڻ

ملڪي سياست شروع کان وٺي عجيب رنگ ڏيکاريا آهن پر اڄ ڪلهه جيڪي رنگ روپ ڏيکاري رهي آهي، تاريخ م انهن کي ”تڏا ويڙهه وارو دور“ سڏيو ويندو، ”وسندڙ شهر ويران ڪري ۽ وسائي واهڻ“ جي مصداق سياسي دنيا ۾ اهڙو ڀونچال آيو آهي جو جن جو سالن جا سال اقتدار جو سج چمڪندو رهيو، انهن جو اونداهيءَ اچي پاسو ورتو آهي، ڪن جي ”تڏا ويڙهه“ ٿي وئي ۽ ڪن جي تڏا ويڙهه شروع ٿي رهي آهي، کوڙ سياستدان آهن جن کي هاڻي کٽائن پنهنجا پير. نواز ليگ ۽ نواز شريف پنهنجو نصيب پاڻ ئي لکيو، هاڻي ڏسجي ته پيپلز پارٽي ۽ ان جا اڳواڻ چڪڻ مان چڙهڻ لاءِ ڪيئن ۽ ڪهڙو ٿا هٿ پير هلائن.

ملڪي سياسي صورتحال جي ايئن بدلجڻ جا ٻه بنيادي ڪارڻ آهن، هڪڙو هيءُ آهي ته ڏسندي ڏسندي ڪن خاندانن جي گهرن ۾ سون جا ڏيئا ڪيئن ٻرڻ لڳا ۽ ٻيو اهم ۽ بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته ادارن جا گڏيل رابطا  ٽڪراءَ جي ور چڙهي انهيءَ موڙ تي وڃي پهتا جو انهن مان هر ڪنهن کي ٻڌائڻو پيو ته پاءُ ڪير آهي؟ سير ڪير آهي؟ ۽ ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آهي؟ انهيءَ ٽڪراءَ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۾ نواز شريف جي تاريخي ڪردار جو وڏو عمل دخل رهيو آهي، هن سياست ۾ ادارن جي ٽڪراءَ کي وڏي پيماني تي پکيڙيو، شايد ئي هن فوجي قيادت سان خيرسگاليءَ جو رويو اختيار ڪيو هجي. ان کان سواءِ سندس سياسي بصيرت اها به ساک ڏئي ٿي ته هن کي ملڪ جي ڪن صدر صاحبان جا منهن به نه وڻيا. سندس اهڙن سخت گير روين نه فقط هن کي حالتن جي سنگ لاخ زمين تي آڻي بيهاريو پر ملڪ ۾ ادارن جي بيهڪ، حيثيت ۽ هيئت جي سوال کي به حال ۽ مستقبل جي ايجندا ۾ شامل ڪري ڇڏيو. هاڻي اها ڳالهه صاف صاف نظر اچي ٿي ته جيستائين ادارن جي حيثيت ۽ اهميت جو مسئلو حل نه ٿيندو ان وقت تائين ملڪ سياسي خلفشار ۽ انتشار جي واٽ تي پيو هلندو. ادارن جي باهمي اختلافن جي واڌ، حيثيت ۽ طاقت جو انڪار ڪيترن کي رڻ ۾ روليندو رهندو. جنهن ملڪ ۾ ادارن جي قانوني ۽ آئيني حيثيت مبهم هجي، اتي هميشه ڏاڍي جي لٺ کي ئي ٻه مٿا ٿيندا، سمورن ادارن جي ڪارڪردگي پاڻ بچائڻ ۽ پاڻ مڃائڻ تائين محدود ٿي ويندي ۽ ملڪ ۾ ماڻهن جي مفاد ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ سوچڻ ۽ لوچڻ جو حڪمران تصور به ڪري نه سگهندا. ان ڪري سمورن سياستدانن کي جمهوري ۽ آئيني روايتن کي قائم رکندي، ادارن جي گڏيل افهام تفهيم، حيثيت، نوعيت ۽ اهميت لاءِ واضح فيصلا ڪرڻا پوندا، ٻي صورت ۾ سياست ۾ منڍيءَ مٽ ته ٿيندي رهندي پر عوامي فلاح ۽ حڪمرانيءَ جو پري پري تائين پتو ئي ڪو نه پوندو.

نواز شريف واپاريءَ مان سياستدان ۽ سياست مان حڪمران ٿيو پر هن گرم کير کي ٺاري نه پيتو. پاڻ ته حالتن جي لهرن ۾ لڙهي ويو پر ٻين لاءِ به ٻڏڻ ۽ لڙهڻ جون حالتون پيدا ڪري ويو.

ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ هي پهريون دفعو ائين ٿيو آهي ته ”ڪرپشن، کي اليڪشن جو مينيفيسٽو بنائي چونڊن جا ميدان مارايا ويا آهن، عوامي ڀلائيءَ واري ايجنڊا جي چونڊن ۾ ايتري تشريح نه ٿي، جيترو ڀير تي ڏونڪو هڻي ڪرپشن جي ڳالهه ڪئي وئي.

انهن حالتن اهو ثابت ڪيو ته ”جت پنهونءَ جا ڀائر“ ٿيندا آهن، جيڪي سالن کان وٺي عوامي ووٽن تي ايترو ته کاڌائون ڪمايائون جو هاڻي انهن جي پيت ۾ پيل اهي سڻڀيون ٻوٽيون به ٻولي مٿن شاهديون ڏين ٿيون. نواز شريف انهيءَ صورتحال جي ڪري نهوڙيو ويو ۽ هاڻي پيپلز پارٽيءَ ۽ زردارين جو وارو آهي، حالتون پنهنجيءَ پلصراط تان کين به گذارينديون. ڇو ته اهو نواز شريف جي منطقي انجام کي جائز ثابت ڪرڻ جي اهم گهرج آهي ۽ ڪن رهيل پراڻن پلاندن جي حساب ڪتاب چڪتو ڪرڻ جو موقعو به آهي.

ننڍڙا ٻار جڏهن پاڻ ۾ وڙهندا آهن ۽ جيڪو وڌيڪ مار کائيندو آهي ته اهو جواز ڏيندو آهي ته هن سان سياست ڪئي وئي! سياست اصل ۾ آهي ئي قومي تشخص ۽ عوامي خدمت جو نالو پر سياست ۾ اهڙي ته جنن ڀوتن جي مخلوق اچي وئي آهي جن ان کي مال لٽڻ ۽ ماڻهو ٺڳڻ جي ڪرت بڻائي ڇڏيو آهي، اسان عام ماڻهو ڪڏهن به اهو سمجهي ڪو نه سگهنداسين ته جيڪو رات جو سياست ۾ اچي ٿو، اهو صبح ٿيڻ وقت امير ۽ لک پتي ڪيئن بڻجي وڃي ٿو؟ ڪو ماڻهو هڪ دفعو وزير ٿئي ٿو ته هن جي ڌوڙ ڌن بڻجي وڃي ٿي. اهو جادو ۽ اهو طلسم ان غريب پورهيت کي ڇو نه ٿو ملي جيڪو ڏينهن لوڙهي ۽ راتيون ڪاٽي به پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جي پيٽ جو دوزخ ڀري نه ٿو سگهي؟.

اسان ڏاڍي اڳيان جهڪڻ کان علاوه اهڙا ته ڏوهه پرست بڻجي ويا آهيون، جو پنهنجي اهڙن نام نهاد رهبرن، بلڪه اصلي رهزنن جي رت خوريءَ کي ڪيميائي گر ڄاڻي، سندن افعالن کي نه ٿا ڏسون، جڏهن ته رت اسان جو چوسيو وڃي ٿو ۽ ست اسان جو پيتو وڃي ٿو، پاڻ سان اهڙو انياءُ ٿئي ۽ اسان پوءِ به خوش ، ان ڪري ته جهڙا روح تهڙا ختما، جهڙا ماڻهو تهڙا اڳواڻ.

دنيا جهان ته رهيو پري، پر سنڌ ۽ هند جي ڪيترن ئي سياڻن، سياستدانن، مفڪرن ۽ مدبرن اهڙو ته سچ ڳالهايو جو پنهنجا ذاتي عيب به ڪو نه لڪايائون، ان ڪري جيڪڏهن اسان جي هادين ۽ رهبرن محبت ۽ مشقت ڪري ڌن ڪمايو آهي ۽ ڏيهه خواهه پرڏيهه ۾ محل جوڙايا آهن ته پوءِ ڪهڙي اربعا خطا ٿيندي جيڪڏهن سونا آنا ڏيندڙ ڪڪڙين خريد ڪرڻ جو ڏس پتو عوام کي به ٻڌائن. چوندا آهن ته ”ڪانءُ مري ويو آهي جو لولو حج تي ويندو؟“ انهيءَ مصداق ڪنهن به چور کي ڪنهن به صورت ۾ پوري مالي نصيب نه ٿيندي، هو جيڪڏهن پاڻ جهڙن پنهنجي پٽي ڀائرن کي خوش نه رکندا ته پاڻ ڪڏهن خوش رهي نه ٿا سگهن. عوامي رت چوسڻ واريءَ دنيا جو اهو ئي دستور آهي ۽ سياست ۾ اچي ڀڀ ڀرڻ وارن جو اهو ئي ڪلچر آهي.

نواز ليگ کان پوءِ هاڻي پيپلز پارٽي کي اهڙي امتحان مان گذرڻو آهي، هن پارٽيءَ جي به نشاندهي ٿي چڪي آهي. مٿن في الحال الزام آهن جن اهي الزام لڳايا آهن، ثابت انهن کي ڪرڻو آهي ۽ پارٽيءَ وارن کي پاڻ کي بي قصور ثابت ڪرڻو آهي. ان ڪري پاڻ کي ڪنهن خوش فهميءَ يا غلط فهميءَ ۾ رهي ڪا راءِ قائم ڪرڻي ناهي.

پارٽي اڳواڻ هن امتحان کي ڪاميابيءَ سان منهن ڏئي ويا ته سنڌ ۾ سندن حڪمرانيءَ کي ڪو لهر لوڏو ڪونهي. پر جيڪڏهن مکڻ مان ڪو وار نڪري پيو ته پوءِ سنڌ ۾ پارٽيءَ جي نوعيت ۽ حيثيت ٻي ٿي ويندي. انهيءَ صورتحال ۾ سنڌ ۾ سياست جو ڪو نئون ڪلچر جنم وٺندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏو ليڊر ٿيڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آيل ”يوٽرن“ جو نئون نسخو

امير ڀنڀرو ٻه  ڏينھن اڳ  ڪالم نويسن سان ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان پنھنجي اصليت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے