14 بدھ , نومبر 2018

ملڪ ۾ 10 ارب ٻوٽا پوکيو مهم، هڪ وقتائتو قدم

ملڪ ۾ ماحولياتي هاڃن جي شدت کي محسوس ڪندي تحريڪ انصاف جي حڪومت وڏي پئماني تي وڻ ڪاري مهم جو آغاز ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ شروع ڪيل مهم کي”پلانٽ فار پاڪستان“ جو نالو ڏنو ويو آهي. انهيءَ مهم جو آغاز ڪندي وزير اعظم هري پور هزاره ۾ ٻوٽو پوکيو، انهيءَ موقعي تي وزيراعظم چيو ته وڻڪاري مهم جو آغاز ڪري عام ماڻهن وٽ ان جي اهميت کي اجاگر ڪرڻو آهي ته جيئن اهي وڌ ۾ وڌ وڻڪاري ڪن. هُن چيو ته وڻڪاري مهم اسان لاءِ زندگيءَ ۽ موت جو مسئلو آهي، وڻڪاري نه ڪئي وئي ته سڄو ملڪ رڻ پٽ بڻجي ويندو، وڻڪاري سان ماحولياتي آلودگي ختم ٿيندي ۽ جهجهيون برساتون پڻ جهجهيون ٿينديون، جڏهن ته وزير اعظم تعليمي نصاب ۾ پڻ وڻڪاريءَ جي مضمون کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ تي زور ڏنو. وزير اعظم عمران خان جي قيادت ۾ شروع ڪيل وڻڪاري مهم ۾ 10- ارب وڻ پوکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

دنيا ۾ صنعتي دور جي انقلاب بعد ڪارخانن ۽ فيڪٽرين جو انگ ڏسندي ڏسندي لکن کان وڌي ڪروڙن تائين پهچي ويو، جن مان نڪرندڙ ڪيئي گيسون جهڙوڪر ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ميٿين ۽ خاص ڪري ريفريجٽرز ۽ ايئرڪنڊيشنرز مان نڪرندڙ ڪلورو فلورو گيس ڪري زمين کان مٿي خلا ۾ زمين جي چوڌاري زندگي کي بچائيندڙ گيسن جي تهه ”اوزو لير“ کي سخت نقصان پهتو آهي ۽ ان ۾ هر روز جي بنياد تي اضافو ٿيندو پيو وڃي. “ اوزون تهه” جو ڪم سج مان نڪري زمين طرف ايندڙ تابڪار لهرن کي روڪڻ آهي ۽ وري انهن کي واپس سج طرف موڪلڻ آهي، ڌرتيءَ تي ٿيندڙ صنعتي سرگرميءَ سبب گذريل ٻه سو سالن کان جيڪي هاڃيڪار گيسون پيدا ٿي خلا طرف وينديون رهيون آهن انهن “ اوزو تهه” کي سخت نقصان پهچائي ان ۾ هڪ وڏو سوراخ ڪري ڇڏيو آهي جنهن مان سج جون تابڪار لهرون ڌرتيءَ جي ماحول ۾ داخل ٿي رهيون آهن، اهو ئي سبب آهي جو ڌرتيءَ جي ماحول ۾ بي انتهائي تبديلي اچي وئي آهي ۽ ان تبديليءَ جي نتيجي ۾ موسمي تبديلون انسان ذات لاءِ انتهائي نقصان ڪار بڻجي ويو آهن.

سڄي دنيا ۾ گلوبل وارمنگ ڪري جيڪي ملڪ متاثر ٿي رهيا آهن انهن ۾ پاڪستان  ڇهين نمبر تي آهي گلوبل وارمنگ جي ڪري ماحولياتي تبديلن سبب جيڪي نقصان پئجي رهيا آهن انهن ۾ اوچتو ئي اوچتو شديد ٻوڏن جو اچڻ، فصل گهٽ ٿيڻ، جڏهن ته موسمي تبديلون جانورن تي پڻ اثر انداز ٿين ٿيون اهو ئي سبب آهي جو  ملڪ ۾ گذريل سال پوليٽريءَ، گوشت ۽ کير جي اپت ۾ 20 / کان 30/ سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي جنهن ڪري پاڪستان کي مجموعي طور تي 3.82 ملين ڊالرز جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي.

ملڪ ۾ وڌندڙ گلوبل وارمنگ جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪا تحريڪ انصاف جي اڳواڻ پيش قدمي ڪئي آهي، اها جس لهي پر ڳالهه اتي نه ٿي کُٽي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته 10- ارب پوٽا پوکڻ واري منصوبي جي چڱي ڀلي نموني مانيٽرنگ کي يقيني بڻايو وڃي، علائقن جي موسمن جي حوالي سان ٻوٽن جي چونڊ ڪئي وڃي ۽ ٻوٽا پوکڻ بعد اصل مسئلو انهن جي سار سنڀال جو آهي جيڪو مقدم نموني سرگرم ۽ چاڪ و چوبند بڻايو وڃي..

ملڪ ۾ گلوبل وارمنگ کي روڪڻ لاءِ بين الاقوامي سطح تي ڪارخانن ۽ فيڪٽرين لاءِ جيڪي قانون واضع ڪيا ويا آهن انهن تي عمل ڪرايو وڃي.،

ملڪ ۾ ماحوليات ۽ فطرت جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ سمورين سرڪاري تنظيمن ۽ ادارن کي فعال بڻايو وڃي ۽ ان ڏس ۾ جيڪي غير سرڪاري تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن انهن جي سهائتا ۽ رهنمائي ڪئي وڃي.،

ملڪ ۾ گلوبل وارمنگ جي نقصانن کان بچڻ لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه وڻ لڳائڻ نه آهي پر اڳ موجود وڻن جو تحفظ ڪرڻ آهي جو اهي گذريل ويهن سالن جي عرصي دوران وڌي وڻ ٿيا آهن ۽ هاڻي سماج، ماحول ۽ قدرت کي فائدا ڏئي رهيا آهن، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سڄي ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ وڻن جي واڍيءَ تي ڪا به پابندي نه آهي ۽ هرروز اخباري اطلاعن موجب سون جي انگ ۾ وڻ وڍيا پيا وڃن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نون وڻن پوکڻ کان پهريان اڳ موجود وڻن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ وفاقي سطح تي قانون سازي ڪئي وڃي.

اسين سمجهون ٿا ته گلوبل وارمنگ ڪو علائقائي مسئلو نه آهي، هي هڪ بين الاقوامي مسئلو آهي ۽ ان جي حل لاءِ ضروري آهي ته دنيا جي هر قوم، ملڪ ۽ خطو پنهنجو ڪردار ادا ڪري، پاڪستان ان سلسلي ۾ پنهنجو فرض محسوس ڪيو آهي ۽ شروعاتي طور تي 10- ارب ٻوٽا پوکڻ لاءِ پيش قدمي ڪئي آهي، اسان کي اميد آهي ته تحريڪ انصاف جي وزير اعظم عمران خان جي قيادت ۾ شروع ڪيل وڻڪاري مهم نه صرف ڪامياب ٿيندي پر بين الاقوامي طور تي مڃتا ماڻي دنيا جي ٻين ملڪن لاءِ اتساهه جو ذريعو پڻ بڻبي، ماحولياتي آلودگيءَ ۽ گلوبل وارمنگ جا مسئلا سڄي انسانيت لاءِ زندگيءَ ۽ موت جا مسئلا آهن، انساني ترقيءَ جو سوال انهن مسئلن جي حل ڪرڻ بعد اچي ٿو، انسانذات مجموعي طور تي جنهن دور مان گذري رهي آهي ان ۾ انساني زندگي بذات خود موت جي ڀيانڪ خوف جي ور چڙهيل آهي ان لاءِ ضروري اهو آهي ته پهريان انساني زندگيءَ کي بچايو وڃي ۽ انساني ترقيءَ جي سمورن معاملن ۽ مسئلن کي ان معاملي سان سلهاڙيو وڃي. زندگي هوندي ته ان جي ترقيءَ لاءِ به ڪم ڪري سگهبا.

اڱارو، 4 سيپٽمبر 2018ع، 23 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌوءَ مان تونسا کان گڊوءَ وچ ۾ پاڻي چوريءَ جو معاملو

ٻه ڏينهن ٿيندا ته ايوان زارعت سنڌ جو اجلاس جنرل سيڪريٽري زاهد حسين ڀرڳڙيءَ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے