15 جمعرات , نومبر 2018

چين پاران آفريڪا ۾ وڌيڪ 60 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان

China announces $ 60 billion in investment in Africaبيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين آفريڪا ۾ 60 ارب ڊالرن جي وڌيڪ سيڙپڪار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. چيني صدر شي جن پنگ ڪجهه آفريڪي اڳواڻن سان ڳالهائيندي چيو آهي ته چين جون سندن کنڊ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪي به سياسي شرطون ناهن. ان موقعي ته صدر شي جن پنگ چين جي طرفان آفريڪا ۾ 60 ارب ڊالرن جي ترقياتي منصوبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جو اعلان پڻ ڪيو. واضح رهي ته چين تي غيرملڪي سطح تي تمام گهڻي قرضن سان ڀريل سيڙپڪاري ڪرڻ جي حوالي سان تنقيد ڪئي وئي هئي. صدر شي اهو اعلان ٻن ڏينهن واري چين-آفريڪا سربراهي اجلاس جي شروعات تي ڪيو جنهن ۾ توجهه جو مرڪزسندن ون بيلٽ ون روڊ منصوبو آهي. ياد رهي ته 60 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري چين طرفان 2015 ۾ آفريڪا ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي منصوبن کان ڌار آهي.  چيني صدر جو چوڻ آهي ته اسان جي سهڪاري وسيلن کي ڪنهن جي شاهاڻي منصوبن ۾ نه لڳائڻ گهرجي..

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزه جي صورتحال تي سلامتي ڪونسل جو اجلاس بغير نتيجي جي ختم

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي بمباري ۽ غزه جي صورتحال تي غور لاءِ سلامتي ڪونسل جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے