17 ہفتہ , نومبر 2018

ڀارت 20 ارب ڊالرن جا جنگي جهاز خريد ڪندو

India will purchase $ 20 billion warriorsنئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت 20 ارب ڊالرن جا 144 جنگي جهاز خريد ڪندو. ڀارتي حڪومت جو جنگي جنون وڌيڪ وڌڻ لڳو ۽ وڏي دفاعي بجيٽ هئڻ باوجود 20 ارب ڊالرن جي ماليت جا وڌيڪ 144 جنگي جهاز خريداري جي جلد منظوري ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان لاءِ ڀارتي حڪومت چين ۽ پاڪستان طرفان هڪ ئي وقت جنگ جي مبينا خطري جو جواز ڄاڻايو آهي. واضح رهي ته جديد جنگي جهازن جي خريداري جي منظوري هلندڙ مهيني جي آخر ۾ يا ايندڙ مهيني جي شروعات ۾ ڏني ويندي.رپورٽ موجب ڀارتي هوائي فوج کي چين ۽ پاڪستان سان هڪ ئي وقت امڪاني جنگ جي صورت ۾ جنگي جهازن جي 42 اسڪواڊ رنز جي ضرورت آهي جنهن ۾ هر هڪ اسڪواڊرن ۾ 16 کان 18 جنگي جهاز شامل هوندا. ڀارتي هوائي فوج وٽ هن وقت ڪل 31 اسڪواڊرن موجود آهن جن مان هر هڪ ۾ 18 جنگي جهاز شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو قتل سعودي عرب جو گهرو معاملو آهي: عادل الجبير

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جمال خاشقجي جي قتل کي عالمي معاملو مڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے