18 اتوار , نومبر 2018

اسرائيل جي عراق ۾ ايراني فوجي اثاثن کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي، ايران جو سخت ردعمل

Iran's strong reaction to Iran's nuclear weapons assaultوالاريل بيت المقدس/ تهران(ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي بچاءُ واري وزير ڌمڪي ڏني آهي ته اسرائيل عراق ۾ موجود شڪي ايراني فوجي اثاثن(هٿيارن) کي نشانو بڻائي سگهو ٿو، بلڪل اهري طرح جهڙي طرح گهرو ويڙهه جي شڪار ملڪ شام ۾ ڪيو ويو هو. والاريل بيت المقدس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسرائيلي بچاءُ واري وزير اويگڊور ليبرمن چيو ته سندن شام جي صورتحال تي نظرون کتل آهن، ايراني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ اهو نه ڏٺو ويندو ته هو ڪٿان کان اچي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته اسرائيل کي ڪاروائي جو حق حاصل آهي. اسرائيلي ڌمڪي تي عراقي حڪومت طرفان ڪو به جواب سامهون ناهي آيو. ايراني پرڏيهي وزير جي ترجمان بهرام قاسمي عراق کي ميزائل فراهمي جي الزامن تي آمريڪا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته آهي ته ايران دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، آمريڪي بيان بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي. علائقي ۾ آمريڪي موجودگي ئي دراصل سمورين برائين جي جڙ آهي. عالمي ميڊيا موجب ايران جي گهرو وزارت جي ترجمان ايران جي طرفان عراق کي ميزائل ڏيڻ بابت آمريڪي دعوائن تي سخت ردعمل ڏيکاريندي چيو ته ايران علائقي ۾ انتها پسندي ۽ دهشتگردي خلاف جدوجهد ۾ فرنٽ لائن جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جدي ۾ قيد پاڪستانين جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

پشاور(ويب ڊيسڪ) جدي ۾ قيد پاڪستانين جو ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي، جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے