15 ہفتہ , دسمبر 2018

مودي سرڪار خلاف نعرا هڻندڙ ڀارتي عورت گرفتار

The Indian woman arrested for the slogan against the Modi governmentچينئي(ويب ڊيسڪ) جهاز ۾ اُڏام دوران ڀارتي جنتا پارٽي(بي جي پي) جي مرڪزي اڳواڻ سان ڏند چڪ ۽ مودي سرڪار کي فاشسٽ چوڻ ته عورت مسافر کي 15ڏينهن لاءِ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب 28 ورهين جي صوفيا لوئس کي ڀارتي جنتا پارٽي خلاف نعريبازي ۽ مودي سرڪاري کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ مهانگو پئجي ويو. چينئي کان ٽوئٽي ڪورن ويندڙ اُڏام ۾ بي جي پي تامل ناڊو جي صدر ۽ هڪ مسافر عورت جي وچ ۾ ڏند چڪ شدت اختيار ڪري ورتي.28 ورهين جي صوفيا لوئس ريسرچ اسڪالر آهي. بي جي پي جي مرڪزي اڳواڻ حڪومتي طاقت ۽ اثر رسوخ کي استعمال ڪندي ايئرپورٽ انتظاميا کي ڄاڻايل عورت کي سبق سکارڻ جي هدايت ڪئي جنهن تي ايئرپورٽ اٿارٽي آف انڊيا جي اهلڪارن عورت مسافر کي گرفتار ڪري ورتو، مٿس چڙڏيارڻ ۽ اُڏام دوران گوڙ ڪرڻ جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس عورت مسافر کي جوڊيشل مجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت پوليس جي استدعا قبول ڪندي عورت کي 15 ڏينهن جي لاءِ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. پوليس 15 ڏينهن جي اندر چالان تيار ڪري عورت مسافر کي هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خاشقجي قتل:  آمريڪي سينيٽ سعودي ولي عهد کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي سينيٽ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے