14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ڏھرڪي:  مختلف علائقن  ۾ ڊرينيج سسٽم ناڪارهه،  گٽرن جو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو

Daharki: Drainage system damaged, Dirty water all over the city*ڏھرڪي  ويجهو  شھر جي مختلف علائقن  ۾ ڊرينيج سسٽم ناڪارهه ٿيڻ سبب گٽرن جو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو، جنهن سبب شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

سهر جي عظيم ڪالوني،  ميان سميع پاڙو ، قطب ٽائون،  لال بخش ڪالوني،  غوثپور پاڙو سميت ٻين علائقن ۾ ڊرينيج سسٽم خراب ٿيڻ سبب پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو .

ان موقعي تي ميان عبدالرشيد چيو تھ  عوام پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو آھي،  ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمن منير مھر ، علي گوھر مھر کي ووٽ  نھ ڏيڻ تي رهواسين کي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻائي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو تھ  سموري صورتحال کان هو پيپلز پارٽي جي چيئرمين  بلاول ڀٽو  زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاہه کي آگاهه ڪندو.

سندس چوڻ هو تھ ڏھرڪي جي عوام جي  نااهل چيئرمين مان   جان آجي ڪرائي شهر جا مسئلا حل ڪرايا ويندا……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے