16 جمعہ , نومبر 2018

حقاني نيٽ ورڪ جو باني جلال الدين لاڏاڻو ڪري ويو

The Haqqani network was opened, Jalaluddinڪابل(ويب ڊيسڪ) عسڪريت پسند تنظيم حقاني نيٽ ورڪ جي باني جلال الدين حقاني لاڏاڻو ڪري ويو.افغان طالبان جي طرفان جاري ڪيل بيان موجب جلال الدين حقاني ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو ۽ سندس تدفين افعانستان ۾ ڪئي وئي. طالبان پنهنجن حامين کان جلال الدين حقاني لاءِ دعا جي اپيل پڻ ڪئي جڏهن ته سندس لاڏاڻي جي تاريخ ۽ تدفين وارو هنڌ ناهي ٻڌايو ويو. جلال الدين حقاني افغانستان ۾ طالبان حڪومت ۾ سرحد جو وزير هو ۽ هن 2001 جي آخر ۾ اسلام آباد جو سرڪاري دورو پڻ ڪيو هو. سندس تعلق افغانستان جي پڪتيڪا صوبي سان آهي ۽ هن 1980 جي ڏهاڪي ۾ سويت يونين خلاف مزاحمت ڪئي. نائين اليون بعد حقاني روپوش ٿي ويو ۽ ڪيترن ئي مهينن بعد وزيرستان ۾ سامهو آيو جتي هن پنهنجو گروپ جوڙيو. هن گروپ افغانستان ۾ جيترو نيٽو کي پهچايو ڪنهن ٻئي گروپ ناهي پهچايو. آمريڪا طرفان حقاني نيٽ ورڪ تي پابندي لاڳو آهي، هن تنظيم مٿان ڪيترن وڏن وڏن حملن جا الزام آهن، جڏهن ته پاڪستان سان سڀ کان وڏي ڊومور جو مطالبو حقاني نيٽ ورڪ خلاف ئي ڪيو ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪيليفورنيا ٻيلن ۾ لڳل باهه سبب فوتين جو انگ وڌي 59 ٿي ويو

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) امريڪي رياست ڪيليفورنيا جي جهنگ ۽ ٻيلن ۾ لڳل باهه تي ضابطو نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے