20 منگل , نومبر 2018

ڊگهي ڄمار لاءِ هي نسخو اختيار ڪيو

For a long period of age, this is the caseڪراچي(ويب ڊيسڪ)جيڪڏهن توهان ڊگھي وڏي ڄمار حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته وزن کڻڻ جي عادت کي اختيار ڪيو، اهڙي دعويٰ آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي. مشي گن يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جنهن  ماڻهن جامسلز ٻين جي ڀيٽ ۾ مضبوظ هوندا آهن، انهن ۾ وڏي عمر جو امڪان ڪمزور ساٿين جي مقابلي ۾ گهڻو وڌيڪ هوندو آهي. تحقيق موجب زندگي ۾ مسلز ٺاهڻ واري ورزشن اختيار ڪرڻ ۾ ڪڏهن به دير ناهي ٿيندي پر اهو وڏي عمر وارن ماڻهن لاءِ  تمام گهڻو اهم ته هو اهڙي طرح جي ورڪ آئوٽ کي پنهنجي روزاني زندگي جي معاملن جو حصو بڻائن. جيڪڏهن ته ائين ممڪن ناهي ته تڏهن به پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي، دراصل مسلز جو وزن نه پر ان جي مضبوطي وڏي ڄمار لاءِ ضروري آهي. تحقيق موجب ڪوراڙپ کي ته روڪڻ ممڪن ناهي پر جسماني طور تي مضبوطي عمر وڌڻ جي اثرن کي ڊرامائي حد تائين گهٽ ڪري ڇڏيندي آهي. اها ته سڀني کي خبر آهي ته جسماني طور تي متحرڪ رهڻ ۽ صحت بخش خوراڪ دل جي بيمارين، شگر ۽ ڪينسر جهڙين  بيمارين کان بچاءُ ۾ مددگار آهن. پر هن نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عام وزرشن سان گڏ وزن کڻڻ جي عادت اختيار ڪرڻ پڻ ضروري آهي.محققن جو چوڻ آهي ته مسلزجي مضبوطي کي برقرار رکڻ خاص طور وچ واري عمر ۾، ڊگهي عمر ۽ صحتمند بزرگي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ان حوالي سان سڀ کان اهم هٿن کي مضبوط بڻائڻ آهي. اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته هٿ زندگي گذارڻ لاءِ ضروري ڪمن ۾ تمام گهڻي اهميت رکن ٿا، جيئن سنان ڪرڻ، صفائي، کاڌو تيار ڪرڻ، شين جي سار سنڀال ڪرڻ.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گرم پاڻي سان وهنجڻ شگر ۽ اندورني ساڙي ۾ گهٽتائي لاءِ بهترين

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)گرم پاڻي سان وهنجڻ جان ڏينهن اچي ويا آهن ۽ ماهرن نئي تحقيق کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے