17 ہفتہ , نومبر 2018

ماڊل انعم تنولي  کي موت کان اڳ هراسان ڪرڻ جو انڪشاف

Illustrations of Model Plain Tanoli before deathڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني ماڊل انعم تنولي جي آپگهات کان اڳ واري ويڊيو منظرعام تي اچي وئي جنهن ۾ هو اهو چوندي نظر اچي رهي آهي هو ڪيتري حد تائين پريشاني ۽ ڊپريشن ۾ مبتلا آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ 26 ورهين جي پاڪستاني ماڊل انعم تنولي جو ڦاهو کاڌل لاش سندس گهر مان هٿ آيو هو، خابرو ماڊل جي اوچتي لاڏاڻي تي شوبز فنڪارن کي پڻ حيران ڪري ڇڏيو هو. اڃان تائين انعم تنولي جي موت جي سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو جڏهن ته سندس هڪ ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو چئي رهي آهي ته کيس تمام گهڻو پريشان ۽ هراسان ڪيو پيو وڃي. ويڊيو ۾ انعم تنولي چوندي نظر اچي رهي آهي ته ”بُلي“ ڪرڻ يعني ڪنهن کي ايتري حد تائين پريشان ڪرڻ جو هو انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو وڃي تمام خراب شيءِ آهي. انعم تنولي وڌيڪ چيو آهي ته ڪنهن جا حوصلا پست ڪرڻ نٿي چاهيان، جيڪڏهن توهان ڪنهن شخص کي ڏسندا آهيو ته ۽ ان سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو ته هو توهان کي نظر انداز ڪندو آهي ته اها توهان جي غلطي ناهي. واضح رهي ته انعم تنولي 2 مهينا اڳ اٽلي کان پاڪستان آئي هئي ۽ هن فيشن ڊيزائننگ جو ڪورس پڻ ڪيو هو ، انعم تنولي جي موت جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته کيس انٽرنيٽ ذريعي ۽ سوشل ميڊيا تي ان حد تائين پريشان ڪيو ويو جو هوءَ آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي. جڏهن اهو سبب سامهون ناهي اچي سگهيو ته کيس ڪير ۽ ڪهڙي حوالي سان پريشان ڪري رهيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ranveer Singh-Deepika Padukone wedding: Here's a tarot card reading of how successful their marriage will be

دپيڪا پڊڪون جي شاديءَ بابت 6 ورهيه اڳ ڪيل اڳڪٿي سچ ثابت ٿي وئي

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي پهرين جوڙ جي اداڪارا دپيڪا جي شادي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے