13 منگل , نومبر 2018

۽ جڏهن ڊيوٽي دوران پيءُ پنهنجي آفيسر ڌي کي سيليوٽ ڪيو

And when the father during his career, his officer married himنئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي عورت پوليس آفيسر پنهنجي والد کان سينيئر عهدي تي مقرر ٿي وئي ۽ ڊيوٽي دوران جڏهن ٻئي آمهون سامهون ٿيا ته پيءُ پنهنجي نياڻي کي فخر سان سيليوٽ ڪيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب اي آر اُوما مهيشور شرما پوليس کاتي ۾ گذريل 30 ورهين کان ڊپٽي ڪمشنر آف پوليس جي حيثيت ۾ مقرر آهي ۽ ايندڙ سال ريٽائر ٿي رهيو آهي.اُوما مهيشور جي ڌي سندهو شرما اعليٰ  تعليم حاصل ڪري 4 ورهين ۾ ئي تلنگانا رياست جي ضلعي جگتيال ۾ سپرنٽنڊنٽ آف پوليس بڻجي وئي.رپورٽ موجب هڪ عوامي ميڙاڪي ۾ جڏهن ٻنهي جي ڊيوٽي لڳي ته پهريون ڀيرو ٻئي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيا، ان موقعي تي ماڻهن اهو جذباتي لمحو پڻ ڌٺو ته پيءُ پنهنجي نياڻي کي سيليوٽ ڪيو.ان موقعي اُوما مهيشهور ٻڌايو ته ڊيوٽي دوران پيءُ ۽ ڌيءُ جيان ڳالهه ٻولهه ناهيون ڪندا، پر گهر ۾ سٺي پيءُ ۽ ڌي جيان ڳاليهون ڪندا آهيون.هن وڌيڪ چيو ته هو منهنجي سينيئر آفيسر آهي، جڏهن کيس ڏسندو آهيان ته کيس سيليوٽ ڪندو آهيان، اسان پنهنجي پنهنجي ڊيوٽي ڪندا آهيون. ٻئي پاسي سندهو جو چوڻ هو ته هو تمام گهڻي خوش آهي ۽ گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو  ملڻ اسان لاءِ تمام سٺو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Six Palestinians martyred in clashes during Israel operation in Gaza

اسرائيلي فوج جي غزه تي بمباري،  وڌيڪ 3 فلسطيني شهيد

غزا( ويب ڊيسڪ ) فلسطين جي علائقي غذا ۾ اسرائييلي بمباري ۾ وڌيڪ 3 فلسطيني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے