15 جمعرات , نومبر 2018

ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان، محمد حفيظ ٻاهر

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف سليڪٽر انضمام الحق دبئي ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ لاءِ 16 رڪني پاڪستاني ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. قومي ٽيم جي اڳواڻي سرفراز احمد ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ فخر زمان، شعيب ملڪ، محمد عامر، شاداب خان، امام الحق، شان مسعود، بابر اعظم، آصف علي، حارث سهيل، محمد نواز، فهيم اشرف، حسن علي، جنيد خان، عثمان شنواري ۽ شاهين آفريدي شامل آهن. آل رائونڊر عماد وسيم فٽنيس ٽيسٽ ۾ ناڪاميءَ سبب ٽيم ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيو، جڏهن ته سينيئر بيٽسمين محمد حفيظ کي به ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته 14هون ايشيا ڪپ 15 سيپٽمبر کان دبئي ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون 19 سيپٽمبر تي آمهون سامهون ٿينديون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي، پي ايس ايل جي ٽائٽل اسپانسر جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو،

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ  (پي ايس ايل) جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے