15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز | ٽنڊو ڄام: زرعي يونيورسٽي جي شاگردن جو فرزانه جمالي کي حراسان ڪرڻ خلاف احتجاج

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي شاگردن شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي شاگردياڻي فرزانه جمالي سان ٿيل ذاتي خلاف احتجاج ڪيو.

شاگردن پاران شهيد بينظير يونيورسٽي نوابشاه ۾ جنسي حراسان ڪرڻ واري معاملي تي وائيس چانسلر سليم آرائين ۽ انگريزي شعبي جي استاد عامر خٽڪ خلاف ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻي ڪندڙ شاگردن شڪيل ڀٽو، صدام ڀٽو، ضمير جمالي ۽ ٻين چيو تھ  يونيورسٽي انتظاميه الزام هيٺ آيل استاد کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ يونيورسٽي جو وائس چانسلر ان جي حمايت ڪري  پيو.

 هنن  چيو ته سنڌ جي يونيورسٽين ۾ سنڌي نياڻين سان ان قسم جو رويو سنڌ جي روايتن جي خلاف آهي.

سندن چوڻ هو تھ  سنڌ جي يونيورسٽين ۾ حراسمينٽ جا روز وڌندڙ واقعا افسوسناڪ آهن خاص طور تي مخصوص ذهنيت رکندڙ استاد ان عمل ۾ ملوث آهن.

هنن اعلي ٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو  تھ  شاگردياڻي فرزانه جمالي جي والد اعجاز جمالي کي فوري طور آزاد ڪري استاد عامر خٽڪ ۽ وائس چانسلر سليم آرائين خلاف جاچ ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو….

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے