17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز |لاڙڪاڻو: ليڊي هيلٿ ورڪرن جو  مطالبن جي مڃتا لاءِ  احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن پاران  مطالبن جي مڃتا لاءِ  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ليڊي هيلٿ ورڪرن منير ڊکڻ، نور جهان کوهارو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مطالبن جي مڃتا لاءِ نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي ليڊي هيلٿ ورڪرن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب  ملازمن کي 2012 کان ريگولر ڪري رهيل سموريون بقايائون ادا ڪيون وڃن.

هنن چيو تھ  آئڊيز کولي ٽريزري ذريعي پگهارون ڏنيون وڃن، جڏهن ته سروس اسٽرڪچر پڻ بحال ڪيو وڃي.

ليڊي هيلٿ ورڪرن چيو تھ شهيد ٿيندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي معاوضو ۽ فوتي ڪوٽا تي عمل ڪرڻ گهرجي.

هنن و چتاءُ  ڏنو تھ   هنن جا  جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏھرڪي: ايريا واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي سيڊا ولي محمد نائچ پاران گهوٽڪي ڪينال جو معائنو

ڏھرڪي ويجهو ايريا واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي سيڊا ولي محمد نائچ گهوٽڪي ڪينال پهچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے