21 بدھ , نومبر 2018

ڪجهه زيادتيون عدليا سان به ٿيون: چيف جسٽس

CJP, Sukkur, NAB,اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڪجهه زيادتيون عدليا سان به ٿيون آهن. سپريم ڪورٽ ۾ ڪچي آبادين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي سستي هائوسنگ سوسائٽين جو بل ٺاهيو ويو، جنهن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻو هو پر اڃا تائين تجويز ڪيل قانون تي وڌيڪ ڪو ڪم ناهي ٿيو. چيف جسٽس بل تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان جواب طلب ڪندي چيو ته بل منظور ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي ۽ پارليامينٽ جي ڪم ۾ عدليا جو ڪو ڪردار ناهي، پوءِ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪجهه زيادتيون عدليا سان به ٿيون آهن، ماڻهو سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري منع نامو حاصل ڪري وٺندا آهن،  ڪچي آبادين ۾ ماڻهن ڪمرشل عمارتون ۽ گهر ٺاهي ڪرائي تي ڏئي ڇڏيا آهن، گهرن ۾ فريج، ڊش ۽ ايئر ڪنڊيشن رکيل آهن، ڇا اهڙن ماڻهن کي زمين جي ملڪيت ڏئي رياست کي ان جي ايراضي کان محروم ڪري سگهجي ٿو. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته ملڪ جي وڏي آبادي ڇت جي سهولت کان محروم آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته آمريڪا ۾ به هر شخص وٽ پنهنجو گهر ناهي، ترقي ڪندڙ ۽ ترقي يافتا ملڪن ۾ ڀيٽ نٿي ٿي سگهي، ڇا رياست وٽ ايتري بجيٽ آهي ته هر شهري کي گهر فراهم ڪري سگهي، جنهن ملڪ ۾ ماڻهو ٽيڪس چوري ڪندا آهن، ان ملڪ وٽ ايترو پئسو هوندو، ڇا گهر کان وڌيڪ تعليم ۽ صحت جون سهولتون ملڻ ضروري ناهن. عدالت هائوسنگ پاليسي 2001 تي به حڪومت کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے