14 بدھ , نومبر 2018

نيوز |ٻھارا: پرائمري اسڪول جي عمارت زبون،ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر

ٻھارا ويجهو گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ اسماعيل پيلجو جي عمارت مڪمل زبون حال  ٿي وئي جنهنڪري ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي.

ڳوٺ اسماعيل پليجو جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي عمارت مڪمل طور  تي زبون حال ٿي وئي آهي، چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي.

پرائمري اسڪول جي زبون حالي سبب ٻارڙا کليل آسمان هيٺ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن.

اسڪول جي استاد عبدالطيف تنيو عوامي آواز سان ڳالهيندي چيو ته اسڪول جي عمارت مڪمل طور زبون ٿي چڪي آھي  ڪنهن بھ وقت جاني نقصان ٿيڻ جو خدشو آھي.

هن چيو تھ  اسڪول ۾ فرنيچر ،چوديوار سميت ڪابھ سهولت ميسر ناهي.

ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي اسڪول جي عمارت نئين سِر اڏرائي سموريون سهولتون ميسر ڪيون وڃن……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے