12 پیر , نومبر 2018

نيوز |نوابشاهه: ايس ٽي پي جو فرزانا جمالي کي حراسان ڪرڻ خلاف احتجاج

Nawabshahنوابشاهه ۾ايس ٽي پي  ڪارڪنن شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانا جمالي کي حراسان ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ايس ٽي پي ڪارڪنن نثار ڪيريو، عطا لاشاري، رفيق ملاح، شاھنواز ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته يونيورسٽي جي استاد ۽ وي سي پاران نياڻي فرزانا جمالي سان جيڪا ناانصافي ڪئي وئي آهي ان جي هو سخت لفظن ۾مذمت ڪن ٿا.

ھنن چيو ته  شاگرياڻي  فرزانه جمالي سان جيڪو واقعو ٿيو آهي اهو انتهائي افسوسناڪ آهي، جڏهن ته ان جو والد اعجاز جمالي دانهن ڏيڻ ويو ته کيس انصاف ڏيڻ بدران سندس خلاف جڙتو ايف آئي آر داخل گرفتار ڪيو ويو.

سندن چوڻ هو ته اڄ به ڳوٺ گلاب جمالي جا شاگرد سخت پريشان آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جو استاد گرفتار آهي، هنن مطالبو ڪيو ته استاد ۽ وي سي کي فوري طور تي هٽائي متاثر نياڻي فرزانه جمالي کي انصاف فراهم ڪيو وڃـي..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي؛ ايمپريس مارڪيٽ جو تاريخي پس منظر !!!

رپورٽ| ڪراچي؛ ايمپريس مارڪيٽ جو تاريخي پس منظر !!!

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے