20 منگل , نومبر 2018

دبئي ۾ مڪليت ٺاهيندڙ پاڪستانين خلاف ڪريڪ ڊائون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني جاچ ڪندڙن دبئي انتظاميا جي سهڪار سان گڏيل عرب امارتن ۾ پرڏيهي پراپرٽيز جو پتو لڳائي ڇڏيو آهي. ٽن انٽيليجنس رپورٽن جي بنياد تي وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي)، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) اهڙن 5 هزار امير ترين پاڪستانين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي، جن ملڪيت ٺاهڻ لاءِ قومي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. رپورٽ موجب اها پرڏيهي ملڪيت پاڪستاني شهرين غير قانوني طور سيڙپ منتقل ڪري ۽ ٽيڪس ادا ڪندڙن جا لڳ ڀڳ 240 ارب رپيا ڦري ٺاهي آهي. ايس بي پي ۽ ايف آءِ اي جي ڳجهي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ايف آءِ اي جي سائبر ونگ پنهنجي سائبر انٽيليجنس ذريعي دبئي ۾ پاڪستاني شهرين جي 1467 ملڪيتن جو پتو لڳايو آهي ۽ ان ڄاڻ کي انڪوائرين جي شروعات لاءِ زونن يا فيلڊ آفيسن تائين منتقل ڪيو پيو وڃي. رپورٽن موجب دبئي ۾ موجود پاڪستانين جون 2750 لڪيل ملڪيتون مختلف نالن تي آهن، جن خلاف جاچ هلي رهي آهي. جيڪڏهن هر پراپرٽي جو ڪاٿو 4 ڪروڙ رپيا به لڳايو وڃي ته ايف آءِ اي وٽ جاچ هيٺ گڏيل عرب امارتن ۾ موجود اثاثن جي ماليت 110 ارب رپيا ٿئي ٿي. ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن ونگ 3 هزار 549 مان 662 ملڪيتن جي مالڪن خلاف 54 فوجداري انڪوائريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف جون ڪجهه شرطون مڃڻ کان انڪار، ڳالهيون بنا نتيجي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آءِ ايم ايف ڪجهه مطالبا تسليم ڪرڻ کان انڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے