20 منگل , نومبر 2018

وزيراعظم گئس چوري روڪڻ لاءِ گڏيل پلان جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان گئس چوري روڪڻ لاءِ گڏيل پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي چيو آهي ته چوري سان قومي ناڻي کي هر سال 50 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب عمران خان جي صدارت هيٺ پيٽروليم سيڪٽر جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم کي تيل ۽ گئس جي پيداوار، ڊمانڊ، گئس جي قيمتن ۽ رهتن ۾ وصولي جي حوالي سان پيش ايندڙ ڏکيائين بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وزير غلام سرور، ايڊيشنل سيڪريٽري پيٽروليم ۽ سينيئر اختيارين شرڪت ڪئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 5 سالن ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ نون بلاڪن جي منظوري نه ڏني وئي ۽ پاليسين ۾ تبديلي سبب سيڙپڪارن جو اعتماد متاثر ٿي رهيو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم فيس چوري روڪڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جي هدايت ڪندي چيو ته ان سان قومي ناڻي کي ساليانو 50 ارب رپيا نقصان ٿي رهيو آهي. وزيراعظم آئل اينڊ گئس سيڪٽر لاءِ جلد منصوبابندي جي هدايت ڪئي ۽ تاپي گئس منصوبي تي جاري اڳڀرائي جي حوالي سان اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان ملڪ ۾ توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. عمران خان پيٽروليم سيڪٽر جي جاري منصوبن کي ٽائم فريم دوران يقيني طور مڪمل ڪرڻ ۽ رپورٽ جلد پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سبي: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا قتل، هڪ زخمي

سبني (ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي سبي ۾ اڻڄاتل هٿياربندي جي فائرنگ ۾ ٻه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے