22 جمعرات , نومبر 2018

نيوز |شاگردياڻي فرزانا جمالي وٽ ثبوت آهن ته پيش ڪري: عامر خٽڪ

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي انگريزي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين چيو ته 31 آگسٽ تي يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ واقعو  الزامن تي ٻڌل آهي .

نوابشاهه ۾ عامر سعيد خٽڪ ۽ ٻين استادن شاداب فاطمه، نرگس مري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  فائنل ايئر جي شاگردياڻي فرزانه جمالي سان واسيطدار ۽ ان جا جيڪي الزامات آهن اهي بلڪل بي بنياد ۽ غلط آهن.

سندس چوڻ هو ته شاگردياڻي فرزانه  غير حاضر رهڻ باوجود  استاد دڙڪا ڏنا ۽ ان سان گڏ ٻين غِير حاضر رهندڙ شاگردياڻين کي به دڙڪا ڏنا جنهن جو رڪارڊ موجود آهي.

هنن چيو ته  يونيورسٽي ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳل آهن جيڪڏهن ان سان ڪا به حراسمينٽ ٿي آهي ته اهو پنهنجو ثبوت ڏيکاري، جيڪڏهن ان کي واٽس ايپ ۾ ميسيج ويو هجي ته اهو ڏيکاري.

هنن چيو ته وزير اعليٰ طرفان جوڙيل ٽيم  تي کين اعتماد آهي.

عامر خٽڪ چيو ته فرزانه جمالي جي پريس ڪانفرنس سان منهنجو چئن سالن جو ڪيريئر تباهه ٿي ويو ۽ کيس يقين آهي ته هن سان انصاف ٿيندو…

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:سيتا روڊ: جشن عيد ميلاد النبي ملهايو ويو

*سيتاروڊ جي ميمڻ محلا اسڪول ۾ جشن آمد رسول جي خوشي جي سلسلي ۾ روحاني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے