18 اتوار , نومبر 2018

نيوز |گمبٽ: ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ملازمن پاران بحالي لاءِ احتجاج

گمبٽ جي ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين خالد شيخ پاران 80ڪچن ملازمن کي نوڪري تان برطرف  ڪرڻ خلاف ستين ڏينهن به ميونسپل جي ڪچن ملازمن موم بتيون ٻاري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو .

ملازم الهڏتو، حاڪم جويو، نياز چني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪيو .

ملازمن جو چوڻ هو ته ڪچا ملازم سڄو ڏينهن شهر ۾ ڪم ڪن ٿا، جڏهن ته  شهر مان گند ڪچري جي صفائي به ڪن ٿا  پر انهن کي برطرف ڪرڻ وڏي ناانصافي آهي.

ڪچن ملازمن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪچا سمورا ملازم غريب آهن ،روز ڪمائيندا آهن ۽ روز کائيندا آهن، انهن کي هٽائڻ وڏي ناانصافي  آهي.

ملازمن مطالبو ڪيو ته کين  نوڪري تي بحال ڪري ڦاڪا ڪشي کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے