21 بدھ , نومبر 2018

آصف زرداري ۽ فواد چوڌري جون عارف علوي کي واڌايون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري نئون صدر چونڊجڻ تي عارف علوي کي واڌايون ڏنيون آهن. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري پنهنجي بيان ۾ عارف علوي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ اسان سڀني جي ترجيح هجڻ گهرجي، سياست ۾ سڀني پارٽين کي جمهوري انداز اختيار ڪرڻو پوندو. هوڏانهن فواد چوڌري جو چوڻ هو ته عارف علوي سنجيدا ۽ نفيس شخصيت جو مالڪ آهي، سندس صدر چونڊجڻ سٺو سنئوڻ آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته عارف علوي تحريڪ انصاف جو باني اڳواڻ ۽ ديني گهراڻي سان واسطو رکندڙ آهي، رياستي سربراهه طور هو پنهنجون ذميواريون سٺي نموني انجام ڏيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آشيانه اقبال اسڪينڊل: نيب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ ) نيب آشيانا اقبال اسڪينڊل ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے