13 منگل , نومبر 2018

نيوز |يونيورسٽين ۾ شاگردياڻين کي حراسان وارا واقعا سنڌ جي شعور جو قتل آهي: جسقم

جسقم جي مرڪزي وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر ۽ ٻين اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ جي يونيورسٽين ۾ حراسان وارا واقعا سنڌ جي شعور جو قتل آهي .

ايوب لاشاري،ياور خان مهيسر ۽ صفدر علي تنيو  سان گڏجي  امجد خان مهيسر  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  دنيا جي سڌريل ۽ تعليمي يافته ملڪن ۾ استاد جو مان ۽ مرتبو تمام اهم هوندو آهي پر افسوس جو سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جيڪي استاد مقرر ڪيا وڃن ٿا اهي پنهنجا فرض ايمانداري ۽ فرض شناسي سان ادا ڪرڻ بدران  سنڌ جي شعور ۽ سنڌ جي مستقبل جي معمارن کي  بليڪ ميل ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته  نواب شاهه ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان قائم يونيورسٽي جي استاد عامر خٽڪ طرفان شاگردياڻي فرزانه جمالي کي حراسان ڪري بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي.

جسقم اڳواڻ مطالبوچتاءُ ڏنو ته شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ  واقعن تي جسقم ڪڏهن به خاموش نه ويهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے