19 پیر , نومبر 2018

نيوز |ميرپورخاص: ڦورن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف مال جي واپارين جو احتجاج

ميرپورخاص جي سنڌڙي پوليس اسٽيشن جي حد مان ٽي ڏيهن  اڳ  مال جي پڙي مان مال جي واپارين کان مبينا ڦر ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري نه ڪرڻ  خلاف  واپاري احتجاج ڪيو

واپاري عنايت ولد محمد علي شر احتجاج ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي .

ان موقعي تي  واپاري  عنايت ٻڌايو ته  ته آچر جي ڏيهن 2 آگسٽ تي هو پهنجي سوٽ آصف شر سان گڏ صبح جو 8 لڳي 20 منٽن تي مال وٺڻ لاءِ  سنڌڙي جي پڙي تي پهتو ته ٻن موٽر سائيڪل تي سوار پنج جوابدارن ٻه مشهور ڏوهاري علي گل شر ۽ علي محمد شر هن کي روڪي پسٽل جا بٽ هڻي  هڪ لک 20 هزار ڪيش ڦري ورتا.

هنن ٻڏايو ته  بروقت سنڌڙي پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس ڪاروائي نه ڪئي .

سندن چوڻ هو ته هنن اهڙي قسم جو اطلاع لکت  ۾ درخواست سنڌڙي پوليس کي ڏنو، جڏهن ته واقعي کي ٽي ڏيهن گذري ويا آهن پر  جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.

متاثر واپاري ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان  مطالبو ڪيو ته ڦر جي جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن ڦر ڪيل رقم واپس ڏياري وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي: معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

ڪوٽڙي ۾ ٻڪري پاران  ٽماٽا کائڻ تان  ٻن  ڌرين ۾ جهيڙي   دوران ٻڪري مالڪ قتل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے