16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز |ڪوٽڙي: موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب 2 ڀائر فوت

ڪوٽڙي ۾ موٽر سائيڪل سلپ ٿي ٿنبي سان ٽڪرائجڻ سبب ٻه ڀائر حياتيون وڃائي ويٺا.

مين روڊ  نيشنل هاءِ وي تي هڏي مل وٽ تيز رفتار موٽر سائيڪل سلپ ٿي اسٽريٽ لائيٽ جي ٿنبي جي نڪتل لوهي ڪنڊ  ۾ ٽڪرائجي ويا.

حادثي جي نتيجي ۾  نوجوان 16 سالن جو صدام حسين ابڙو ۽ 17 ورهين  جو احسان ابڙو سخت زخمي ٿي پيا،  صدام ابڙو موقعي تي دم ڏنو.

زخمي  احسان ابڙو کي تعلقي اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪيو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ ڪري سول اسپتال حيدرآباد روانو ڪيو ويو پر هن رستي ۾ دم ڏنو.

ٻنهي ڀائرن جا لاش ضروري ڪاروائي بعد ڪوٽڙي سائيٽ جي بروهي چوڪ منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو .

فوتي احسان ابڙو ٻه مهينا اڳ شادي ڪئي هئي، جڏهن ته صدام حسين غير شادي  شده  هو ،  ٻئي ڀائر گڏجي روزگار سانگي حيدرآباد وڃي رهيا هئا ته  ڪوٽڙي ٿاڻي جي حد هڏي مل ڀرسان روڊ حادثي جو شڪار بڻجي ويا

واقعي بعد ٻنهي نوجوان ڀائرن جي امڙ ۽ پي کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ننگر پارڪر: شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران، رهواسي پريشان

ننگر پارڪر شهر ۾ ڏڪاري حالت سبب چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا جي بي ڌياني سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے