21 بدھ , نومبر 2018

نئين چونڊيل صدر کي مبارڪ، سندس ڪردار تي به نظر رکنداسين: پ پ چيئرمين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئين چونڊيل صدر کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي عارف علوي کي مبارڪ پيش ڪري ٿي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نئين چونڊيل صدر جي حيثيت سان پ پ عارف علوي جي ڪردار تي به نظر رکندي، پارليامينٽ کي ان جي حيثيت ڏيڻ لاءِ هڪ پارلياماني ڪميٽي ٺاهي ويندي. سندس چوڻ هو ته عمران خان ۽ عارف علوي پارليامينٽ ۽ شهري رياست جي ادارن جي حيثيت گهٽ ڪئي آهي، چونڊيل صدر کي ياد ڏياريون ٿا ته اليڪشن ڪميشن طرفان اپ لوڊ فارم 45 جي فارنزڪ آڊٽ ڪرائي وڃي. پ پ چيئرمين چيو بنا دير جاچ ڪرائي وڃي ته 2018ع جي چونڊن ۾ ڪهڙيون بدعنوانيون ٿيون، ان معاملي کان گهڻو عرصو پاسو نٿو ڪري سگهجي، آر ٽي ايس فيل ٿيڻ جي به جاچ ڪرائي وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے