13 جمعرات , دسمبر 2018

نيوز |ٽنڊو محمد خان: استادن جون جبري بدليون ڪرڻ خلاف احتجاج

ٽنڊو محمد خان  ۾  سياسي انتقامي ڪاررواين ۽ استادن جون جبري بدليون ڪرڻ واري عمل خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو آهي ته پ پ چونڊن کانپوءِ انتقامي ڪاررواين تي لهي آئي آهي .

پي ٽي آءِ سنڌ جي نائب صدر سيد ذوالفقار علي شاهه، پي ٽي آءِ اڳواڻ حاجي الطاف نظاماڻي پاران گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ پيپلزپارٽي طرفان سياسي انتقامي ڪارروايو ڪرڻ ناانصافي آهي.

هنن چيو ته  ضلعي جا ڪيترن ئي استادن کي غيرقانوني طريقن سان بدليون ڪري پٺتي پيل علائقن ڏانهن موڪليو پيو وڃي، جيڪو عمل انتهائي افسوسناڪ آهي.

اڳواڻن وزيراعظم عمران خان ۽ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جسٽس ثاقب نثار کان اپيل ڪئي  انتقامي ڪاررواين جو  نوٽيس وٺي عوام کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| قبو سعيد خان: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ پٽ قتل

قبو سعيد خان ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري فرار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے