18 اتوار , نومبر 2018

نيوز |وارھ: گاجي کهاوڙ واسين پاران ناري جي اغوا ۾ شامل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

وارھ ۾ گاجي کهاوڙ جي رهواسين دانهيو آهي ته جوابدار  گهر ۾ گهڙي ناري کي اغوا جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ٿي ڪري .

گاجي کهاوڙ واسين ممتاز ڪوري، علي نواز ڪوري پريس ڪلب پهچي دانهيندي ٻڌايو ته ڪجھه ڏينهن اڳ ڀٽا برادي سان تعلق رکندڙ سجاد ڀٽو 3 ھٿياربند ساڻ ڪري سندن  گهر ۾ گهڙي عابده زال ممتاز ڪوري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

هنن ٻڌايو ته  ناري  جي دانهن تي هو سجاڳ ٿي پيا ۽ ان کي  ڇڏائي ورتو پر  هڪ جوابدار سجاد ڀٽو کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو  پر ٻيا جوابدار  فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.

متاثرن چيو ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري چالان ڪري ڇڏيو ، جڏهن ته پوليس ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري.

گاجي کهاوڙ واسين جو چوڻ آهي ته  جوابدار ڌر جا ماڻھو  ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ کين  قتل جون  ڌمڪيون  ڏئي رهيا آھن .

هنن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي قمر کان مطالبو ڪيو  ته  جوابدارن کي سخت سزا ڏئي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: نوابشاهه: بين المذهب تنظيم پاران افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ احتجاج

نوابشاھ مرڪزي امن ڪاميٽي براءِ بين المذهب هم آنگي پاران افغانين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے