15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز |ڀرياسٽي: ريلوي اسٽيشن  وٽ ڪريڪر ڌماڪي سبب اپ ٽريڪ متاثر

ڀرياسٽي  ويجهو   ريلوي اسٽيشن  وٽ ڌماڪي سبب اپ ٽريڪ کي نقصان ٿيو .

لاکاروڊ ٿاڻي جي حد ۾ غلام آباد ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڪراچي کان پنجاب ويندڙ اپ ٽريڪ تي ڪريڪر جو ڌماڪو ٿيو

ڌماڪي جي  نتيجي ۾ ريلوي ٽريڪ کي نقصان ٿيو آھي، جڏھن ته پنجاب ويندڙ علامه اقبال ايڪسپريس کي ڀرياروڊ ريلوي اسٽيشن تي روڪيو ويو

پاڪستان ايڪسپريس معجزاڻي طور بچي وئي آھي، جيڪا ڌماڪي کان ڏھ منٽ اڳ اتان ڪراس ڪري وئي.

اطلاع ملڻ تي آس پاس جا سوين ڳوٺاڻا، ڀرياروڊ  ۽ لاکا روڊ پوليس پڻ واقعي واري جاءِ تي پهچي وئي.

ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڀرياروڊ ٻڌايو ته ريلوي ٽريڪ کي چار کان ڇھه انچ نقصان ٿيو، جڏهن ته   جاني نقصان نه ٿيو آھي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: گمبٽ ويجهو ڪچي واري علائقي مان چار ڏينهن پراڻو لاش هٿ

گمبٽ ويجهو ڪچي واري علائقي مان چار ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو ڦلو ٿاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے