13 منگل , نومبر 2018

نيوز |جوهي: زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن پاران ڌار ڌار ڌرڻا

جوهي تعلقي ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف مختلف شاخن جي آبادگارن پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڌرڻا هنيا ويا

37 ميل ريگيوليٽر جي آبادگارن محمد عمر لغاري ،فهد رودناڻي، حاجي شمن لغاري ،حاجي ڪنڊو کوسي معصوم ٻارڙن سميت جوهي برانچ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ٻئي طرف آبادگارن ايڪشن ڪاميٽي  پاران ايريگيشن آفيس آڏو ميهر گاڏھي،مير محمد لغاري ،امام علي رستماڻي ،عمر دين لنڊ ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ آبپاشي سيڪريٽري ۽ صوبائي آبپاشي وزير جو پتلو کڻي اڄ ٻئي ڏينهن تي به شھر جو سرڪس ڪرائي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

آبادگارن احتجاج ڪرڻ بعد 8 ڏينهن تي به  متاثرن  علامتي بک هڙتال جاري رکي

ان موقع تي آبادگارن  دانهيندي الزام هنيو ته آبپاشي کاتي جو صوبائي وزير سيڪريٽري ،چيف انجنيئر ۽ انجنيئر جي ملي ڀڳت ڪري منڍ جي  آبادگارن  جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته  بااثر کاتيدار ۽ وڏيرا  جوهي برانچ ۾ سرعام ستين شاخ تائين غير قانوني  لفٽ مشينون،  پائيپ هڻي زبردستي هٿيارن جي زور تي زرعي پاڻي کي بند ڪيو آهي .

آبادگارن چيو ته پاڻ۾ي جي ايتري ته کوٽ آهي جو  ڍور  به اڃ وگهي مرن پيا.

ايريگيشن آفيس آڏو هنيل ڌرڻي دوران انجنيئر رشيد پنهور آبادگارن سان ڳالهيون ڪري هفتي جي مُهلت گهري پر آبادگارن کيس کُتو جواب ڏيندي چيو ته شاخن ۾ پاڻي اچڻ تائين سندن  احتجاج  جاري رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے