14 بدھ , نومبر 2018

نيوز |دوڙ: ايس ٽي پي پاران شاگردياڻي فرزانه جمالي کي حراسان ڪرڻ خلاف احتجاج

دوڙ ۾  ايس ٽي پي پاران نوابشاهه جي شاگردياڻي فرزانه جمالي کي حراسان ڪندڙ  استاد ۽ وي سي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .

ايس ٽي پي  ڪارڪنن ڪامريڊ علي لغاري،احمد ديناري  ۽ بابر وساڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو .

ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻن  چيو ته وي سي سليم آرئين  ۽ استاد عامر خٽڪ  هڪ شاگردياڻي خلاف  سازش ۾ ملوث آهن جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي.

هنن چيو ته جيڪڏھن نياڻين جي عزت محفوظ نه هوندي ته ڪير پنهنجن نياڻين کي اهڙن بگهڙن حوالي نه  ڪندو.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته حرسان ڪندڙ استاد عامر خٽڪ ۽ سليم آرائين  کي گرفتار ڪري نياڻين کي حراسان کان بچايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:غوثپور: ٽائون عملي جي لاپرواهي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو

*غوثپور شهر ۾ ٽائون عملي جي لاپرواهي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے