16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: دوڙ: ايس ٽي پي پاران شاگردياڻي فرزانا جمالي  کي حراسان ڪرڻ خلاف احتجاج

Daur: Protest against harassment with Student Farzana Jamali*دوڙ  ۾ سنڌ ترقي پسند  پارٽي پاران شهيد بينظير آباد يونيورسٽي ۾ شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ خلاف احٽجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪارڪنن  ڪامريڊ علي لغاري ،احمد ديناري ،بابر وساڻ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاگردياڻي فرزانه جمالي واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو  ڪري انتظاميھ خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو تھ  جيڪڏھن  يونيورسٽين ۾ نياڻين جي عزت محفوظ نه هوندي ته ڪير پنهنجن نياڻين کي اهڙن ڀگهڙن حوالي ڪندو.

هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو  يونيورسٽي جي  وي سي ۽ استاد عامر خٽڪ کي جلد گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي  ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے