18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: دولتپورصفن:  سجاد جوکئي  جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار جي گرفتاري لاءِ وارثن جو احتجاج

Mirpurmathelo: Police allegedly half fried citizen of punjab*دولتپورصفن  جي رهواسي  انٽر جي شاگرد سجاد جوکئي  جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار جي گرفتاري لاءِ وارثن 119 هين ڏينهن بھ احٽجاجي مظاهرو ڪيو.

وارثن معشوق جوکئي ، علي حسن جوکئي،  اسد جوکئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قاتلن جي  گرفتاري لاءِ 119هين ڏينهن بھ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن دانهيو تھ انٽر جي شاگرد سجاد جوکئي جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  هو مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن پر هن وقت تائين ڪوبھ کڙ تيل ناهي نڪتو.

 هنن الزام هنيو تھ  نوابشاھ جي اي-سيڪشن پوليس انتظاميا پنهنجي پٽي ڀائي روپوش اهلڪارن کي بچائي رهي آهي ۽ هو سرعام گهمي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن چيو تھ  اڳوڻي ايس ايڇ او سرور زرداري کي نوابشاھ جيل انتظاميا کيس ڪوڙا سرٽيفيڪٽ ڏئي مريض ڄاڻائي کيس عدالت ۾ ضمانت لاءِ  پيش ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو تھ جوابدار ڪيس تان هٿ کڻن لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏين پيا.

سندن چوڻ هو تھ فوتي نوجوان جي امڙ کيس ياد ڪري روئي روئي پنهنجا حال هيڻا ڪري ڇڏيا آهن جڏهن تھ سندس پيءُ بھ  روئي روئي بيمار ٿي پيو آهي.

مظاهرين  آءِ جي سنڌ  ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏياري وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے