19 پیر , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ کي ڊي ايڇ اي جي آمدني جو حساب نه مليو، هائوسنگ اسڪيمون فوج جو ڪم ناهي: چيف جسٽس

Chief Justice inaugurated Greater Karachi Sialaj Plan S Thari Project in Hyderabadاسلام آباد ( م ڊ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته فوج کي هائوسنگ اسڪيمون ٺاهڻيون آهن ته شهيدن جي وارثن لاءِ ٺاهي. سپريم ڪورٽ لاهور ۾ اشتهاري بورڊ هٽائڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.  ايڊيشنل ڊي جي پي ايڇ اي عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته پاڪستان هائوسنگ اٿارٽيز فائونڊيشن پاران لاهور ۾ ڪنهن به قسم جا بل بورڊ نه لڳايا ويا آهن پر ڪنٽونمينٽ، اين ايل سي، ڊي ايڇ اي ۽ اين ايڇ اي بورڊ هنيا آهن. ڪينٽونمينٽ جي وڪيل لطيف کوسي دليل ڏيندي چيو ته ڪينٽونمينٽ جي آمدني جو وڏو حصو بل بورڊ آهي، اداري کي وفاق يا صوبائي حڪومت پاران ڪي فنڊ نه ملندا آهن. سندس چوڻ هو ته ڪينٽونمينٽ عوام کي مختلف سهولتون ڏنيون آهن جنهن تي خرچ ٿيندو آهي. ايڊيشنل ڊي جي چيو ته اسان پارڪ کي بحال رکڻ جا پئسا ڪنهن کان نه وٺندا آهيون، چيف جسٽس چيو ته پوءِ ڇا اجازت آهي ته فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ جوئا جا اڏا کوليا وڃن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پي ايڇ اي ۽ ٻيا ادارا اربين رپيه ڪمائيندا آهن پئسو ڪاڏي وڃي ٿو، فوج جو ڪهڙو ڪم جو هائوسنگ اسڪيمون ٺاهي، ڪٿي ملڪ جي فوج به پئسو ڪمائڻ جي ڪاروبار ۾ شامل ٿيندي آهي، جيڪڏهن فوج کي اهڙيون اسڪيمون ٺاهڻيون آهن ته پنهنجي ملازمن ۽ شهيدن جي وارثن لاءِ ٺاهي. هن چيو ته اسان بل بورڊن بابت اصول جوڙينداسين، جيڪي سمورن شهرن تي لاڳو ٿيندا، لاهور ۾ هر ٿڀني تي چوڌري سرور سميت مختلف پي ٽي آءِ اڳواڻن جون تصويرون لڳل آهن، اهي بينر ۽ پوسٽر لڳائڻ جي اجازت ڪنهن ڏني آهي. عدالت ڊي ايڇ اي لاهور، ريلوي، اين ايڇ اي ۽ اين ايل سي کي نوٽيس جاري ڪندي 10 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو ۽ ٻڌڻي سيپٽمبر جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس اهو به چيو ته ڊي ايڇ اي ۽ پيا ادارا جيڪي اربين رپيا ڪمائين ٿا، اهي ڪيڏانهن ٿا وڃن. هن چيو ته ملڪ ۾ گلوبل وارمنگ جو اشو آهي ۽ اسان ڪبوتر جيان اکيون پوري ڇڏيون آهن. چيف جسٽس چيو ته هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهي پلاٽ عام ماڻهن کي وڪرو ڪيا ويندا آهن ۽ ان مان الاٽمينٽ ٽرانسفر وسيلي اربين رپيا ڪمايا ويندا آهن. عدالت جي پڇاڻي باوجود ڊي ايڇ اي جي اربين رپين بابت ڪجهه به نه ٻڌايو ويو. عدالت کي ٻڌايو ويو ته لاهور ۾ چوڌري سرور جا بينر بنا اجازت هنيا ويا آهن، جڏهن اهي لاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ملازمن تي ڪيس داخل ڪيا ويا.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان يوٽرن واري بيان تي به يوٽرن وٺندو: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے