15 جمعرات , نومبر 2018

عارف علوي ملڪ جو 13 هون صدر، پي ٽي آءِ نه پر قوم جو سربراهه ٿيندس: علوي

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جو اميدوار عارف علوي ملڪ جو 13 هون صدر چونڊجي ويو آهي، عارف علوي مجموعي طور 353 اليڪٽرول ووٽ حاصل ڪيا. فضل الرحمان 185 ۽ اعتزاز احسن 124 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر رٽرننگ آفيسر جون ذميواريون ادا ڪيون، جڏهن ته پنجن ئي هاءِ ڪورٽن جا چيف جسٽس پرزائيڊنگ آفيسر هئا. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ 432 ميمبرن مان 430 ميمبرن ووٽ ڏنا، جن ۾ عارف علوي 212 ووٽ حاصل ڪيا. مسلم ليگ ن ۽ سندس اتحادين جي اميدوار فضل الرحمان 131 ۽ اعتزاز احسن 81 ووٽ حاصل ڪيا. 6 ووٽ رد ٿيا. پنجاب اسيمبلي ۾ عارف علوي 186 ووٽ کنيا. فضل الرحمان 141 ۽ اعتزاز احسن کي 6 ووٽ مليا. ايوان ۾ 18 ووٽ رد ٿي ويا. سنڌ اسيمبلي ۾ اعتزاز احسن وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا. کيس 100 ووٽ مليا، عارف علوي کي 56 ووٽ مليا. فضل الرحمان کي هڪ ووٽ مليو. فارمولي تحت اعتزاز احسن 39، عارف علوي 22 ووٽ حاصل ڪيا. هڪ ووٽ رد ٿيو. بلوچستان ۾ 46 ۽ فضل الرحمان 15 ووٽ حاصل ڪيا. پنختونخوا اسيمبلي ۾ فارمولي تحت عارف علوي 41، مولانا فضل الرحمان کي 13 ۽ اعتزاز احسن کي 2 ووٽ مليا. صدارتي چونڊ  لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾   پولنگ اسٽيشن، اعتزاز احسن کي سڀني کان وڌيڪ ووٽ پيا، ٽي ايل پي ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو،  تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي ۾ ڪالهه صدارتي چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل صبح جو 10 وڳي شروع ٿيو جيڪو شام 4 وڳي تائين جاري رهيو، صدارتي چونڊ لاءِ سنڌ مان پي ٽي آءِ جي صدارتي اميدوار عارف علوي کي 56 ووٽ، پاڪستان پيپلز پارٽي پارليمامينٽرين جي اعتزاز احسن کي 100 ووٽ ۽ ايم ايم اي ۽ نواز ليگ جي گڏيل اميدوار مولانا فضل الرحمان کي صرف هڪ ووٽ پيو، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي 6 ميمبرن اعتزاز احسن کي ووٽ ڏنو، جڏهن ته هڪ ووٽ خارج ٿي ويو، تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي 3 ميمبرن ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو،   سنڌ اسيمبلي جي 168 جي ايوان مان 158 مميبرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو، سنڌ اسيمبلي جي ملير جو هڪ تڪ خالي ۽ ٻي سيٽ پي ٽي آءِ جي ايم پي اي عمران اسماعيل خالي ڪئي جيڪو گورنر ٿي ويو، پي ٽي آءِ جي ايم پي اي سيما ضياءَ به حلف نه کڻڻ سبب ووٽ نه ڏنو، ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي مسرت به ووٽ نه ڏنو، پ پ جي ايم پي ايز نادر مگسي ۽  نوشهرو فيروز مان چونڊيل ايم پي اي مراد علي شاهه  به ووٽ نه ڏنو.0330

اسلام آباد (م ڊ) نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عمران خان جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، پنهنجي سمورين صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي سندس ويزن جي پيروي ڪندس، پوري پاڪستان ۽ سمورين سياسي پارٽين جو صدر آهيان، حلف برداري جي تقريب ۾ مخالف ڌر پارٽين کي گهرائيندس، هر هڪ لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪنداسين، اسان جي ايجنڊا ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي آهي، عوام جي اميدن تي پورو لهندس، جن وٽ گهر نه آهن انهن جي لاءِ گهر جي فراهمي، بيروزگاري جي لاءِ روزگار جا موقعا، غريب جي لاءِ ماني ۽ نوجوانن جي لاءِ تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح هوندي، ايوان صدر بدران پارلياماني لاجز ۾ رهندس، ووٽ ڏيڻ تي سمورن ووٽرز، اتحادي پارٽين ۽ آزاد اميدوارن جو ٿورائتو آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اڱاري ڏينهن پنهنجي ڪاميابي کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. عارف علوي صدارتي عهدي جي لاءِ نامزد ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيندي چيو ته عمران خان مٿس اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ هو پنهنجي سمورين صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي سندس ويزن جي پيروي ڪندس. هن چيو ته هو ايوان صدر بدران پارلياماني لاجز ۾ رهندس. هن صدارتي عهدي جي لاءِ ووٽ ڏيندڙ ووٽرز، اتحادي پارٽين ۽ آزاد اميدوارن جا پڻ ٿورا مڃيا. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ايجنڊا هاڻي حڪومتي ايجنڊا آهي، تحريڪ انصاف ۽ صدر طور هو عوام جي اميدن تي پورو لهندو جنهن وٽ گهر نه آهي انهن جي لاءِ گهر جي فراهمي، بيروزگارن جي لاءِ روزگار جا موقعا، غريب جي لاءِ ماني ۽ نوجوانن جي لاءِ تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح هوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حلف برداري جي تقريب ۾ مخالف ڌر پارٽين کي گهرائيندس. هن چيو ته آئون سموري پاڪستان جو صدر آهيان، سمورين سياسي پارٽين جو صدر آهيان، هر هڪ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪنداسين، اسان جي ايجنڊا ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي ضرورت آهي، جڏهن ته پروٽوڪول گهٽ کان گهٽ هجڻ گهرجي، آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪندس. هن چيو ته فضل الرحمان ۽ اعتزاز احسن منهنجا ساٿي آهن، منهنجي سياسي جدوجهد جي شروعات 1959ع ۾ ٿي، جڏهن اسان ايوب خان جي خلاف تحريڪ هلائي. هن چيو ته عوام ڪرپشن ۽ استحصال جو خاتمو چاهي ٿي اسان انهن جي خواهش موجب طرز حڪمراني کي وڌائينداسين.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ ايمپريس مارڪيٽ چوڌاري آپريشن، ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي تاريخي عمارت ايمپريس مارڪيٽ جي ڀرپاسي دڪانن ڊاهڻ بعد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے