17 ہفتہ , نومبر 2018

نوابشاهه : فرزانه جمالي جي فرياد تي وي سي ۽ استاد خلاف ڪيس داخل، جاچ ڪميٽي قائم

نوابشاهه(رپورٽ اڪرم چانڊيو) ميڊيا ۾ خبرون اچڻ ۽ عوام جي سخت ردم عمل کانپوءِ تعلقي ٿاڻي نوابشاهه تي شاگردياڻي فرزانه جمالي جي فرياد تي وي سي ارشد سليم ۽ پروفيسر عامر خٽڪ تي ايف آءِ آر نمبر 40 تحت ڪيس داخل، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد وي سي ارشد سليم ۽ عامر خٽڪ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، گرفتاري عمل ۾ نه آئي، شاگردياڻي کي انصاف نه ملي سگهيو، وي سي ارشد سليم ۽ استاد عامر خٽڪ خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ شاگردياڻي پاران 22 A جي درخواست داخل، عدالت تعلقي ٿاڻي جي ايس ايڇ کي 6 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو، وارثن پاران ڪمشنر شهيد بينظير جي انڪوائري تي بي اعتمادي ظاهر، وزير اعليٰ سنڌ ۽ شهلا رضا واقعي جو نوٽيس ورتو، اڳوڻو وي سي مهراڻ يونيورسٽي قدير راجپوت انڪوائري ڪاميٽي جو سربراهه مقرر، شاگردياڻي جي حق ۾ جسقم ۽ ايس ٽي پي جا ڌار ڌار مظاهرا، الزام هيٺ آيل استاد عامر خٽڪ واقعي کي ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو، اڻ ڌري جاچ جو مطالبو، خبر موجب شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي انگريزي ڊپارٽمنٽ جي فائينل سال جي شاگردياڻي فرزانه جمالي کي مبينه جنسي حراسان ڪرڻ مامري تي کيس انصاف پلئه نه پئجي سگهيو آهي ۽ شاگردياڻي پوليس، ضلعي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائيندن کان مايوس ٿي انصاف لاءِ وي سي ارشد سليم آرائين ۽ پروفيسر عامر خٽڪ تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سيشن ڪورٽ نوابشاهه ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي هوڏانهن ايس ايس پي شهيد بينظير آباد رائو اعجاز ٻڌايو ته اسان شاگردياڻي فرزانه جمالي جي درخواست تي تعلقي ٿاڻي نوابشاهه تي يونيورسٽي جي وي ۽ پروفيسر عامر خٽڪ خلاف جنسي حراسان ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس ايف آءِ آر 40 قلم 509/1 509/2 506 تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي، هوڏانهن وزير اعليٰ سنڌ ميڊيا ۽ عوام جي سخت رد عمل کانپوءِ نئين انڪوائري ڪاميٽي اڳوڻي وي سي مهراڻ يونيورسٽي اي ڪيو راجپوت جي سربراهي ۾ قائم ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڊي سي نوشهروفيرو انور علي شر ۽ ڊپٽي سيڪريٽري تعليم کاتو سنڌ ڪاميٽي جا ميمبر آهن ڪاميٽي هڪ هفتو ۾ مامري جي جاچ ڪري رپورٽ وزير اعليٰ ڏانهن موڪليندي.

نوابشاهه(ڊر)شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي ليڪچرار پاران شاگردياڻي کي تنگ ڪرڻ ۽ حراسان ڪرڻ خلاف جسقم پاران ٽن ڏينهن واري بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي وئي خبر موجب جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي نوابشاهه پاران شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي انگلش ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين عامر خٽڪ ۽ وائيس چانسلر ارشد سليم پاران يونيورسٽي جي انگلش ڊپارٽمينٽ پوزيشن هولڊر شاگردياڻي فرزانه جمالي کي حراسان ڪرڻ خلاف ٽن ڏينهن واري بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي وئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جسقم جي ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي، سرفراز ميمڻ، سيد ناصر شاهه، نور سولنگي، منير ابڙو، ارشد جمالي ۽ ٻين چيو ته يونيورسٽي ڪائنات جو ڏيک ڏيندڙ ۽ ڄاڻ جو نالو آهي پر بدقسمتي سان سنڌ جي هزارين سالن کان تعليمي سونهن خلاف سازش ڪئي پئي، وڃي هنن چيو ته متاثر نياڻي فرزانه جمالي سنڌ جي نياڻي آهي سندس حفاظت ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي ۽ فرض ۾ شمار آهي، هنن چيو ته ٻاهر کان آيل ڌاريا سنڌ جي اصل مالڪن کي تنگ ۽ حراسان ڪري تعليم جهڙي روشني کان پري ۽ محروم رکڻ جي سازش سٽي رهيا آهن جنهن ۾ سنڌ حڪومت انهن بگهڙن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت نياڻين کي انصاف ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڇاڪاڻ ته گورنر وفاق جو نمائندو آهي، هو نوٽيس وٺي سنڌ جي ماڻهن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي هنن مطالبو ڪيو ته شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي نا اهل وي سي ارشد سليم ۽ پيغمبري پيشي کي لڄائيندڙ عامر خٽڪ کي فوري طور هٽائي با صلاحيت با ڪردار ۽ ميرٽ تي وي سي مقرر ڪيو وڃي. ٻئي طرف ايس ٽي پي پاران ضلعي صدر نثار علي ڪيريو، ٻڍل مگسي، رفيق ملاح، شاهنواز ڪيريو ۽ ٻين نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي نياڻي فرزانه جمالي سان يونيورسٽي انتظاميه پاران اهڙو غلط رويو جيڪو هن سماج ۾ غلط تاثر پيدا ٿئي ٿو يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانه جمالي سان انصاف ڪيو وڃي.

فرزانا جمالي کي هراسان ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ۾ سخت احتجاج

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) شهيد بينظير يونيورسٽي نواب شاهه جي شاگردياڻي فرزانا جمالي کي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ پروفيسر طرفان هراسان ۽ تنگ ڪرڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، حيدرآباد ۾ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪز صدر ماريا مڱريو، ريحانا سمون، سورٺ سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، سجاول ۾ جميعت طلباءِ اسلام طرفان عبدالرئوف ، محمد حسن ميمڻ ۽ ٻين احتجاج ڪيو، تلهار ۾ ورلڊ جمالي ويلفيئر اڳواڻڻ موسيٰ طارق ، ماني اعجاز ۽ ٻين مظاهرو ڪيو، دوڙ ۾ جسقم نوابشاهه طرفان سعيد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ٺري ميرواهه ۾ صحافين ۽ سماجي اڳواڻن بشيرشر، محمد صالح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو،  شڪارپور ۾ رحيم بخش جمالي، رفيق جمالي، الهڏني جمالي ۽ ٻين احتجاج ڪيو، وارهه ۾ سياسي سماجي ڌرين راجا کهاوڙ، ثقلين عباسي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، ويو، اڳواڻن چيو ته هميشه سنڌي نياڻين کي هراسان ڪري تعليم ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته  شاگردياڻي کي هراسان ڪندڙ يونيورسٽي جو وي سي ارشد سليم آرائين ۽ پروفيسر عامر خٽڪ انسانن جي روپ ۾ حيوان آهن، هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ملڪ جي ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فرزانا جمالي کي هراسان ڪندڙ وي سي ۽ پروفيسر کي هٽائي سزا ڏني وڃي، ٻئي پاسي ساڃاهه وندن شاگردياڻي کي هراسان ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي، جسقم جي مرڪز وائيس چيئرمين امجد مهيسر ، ايوب لاشاري، ياور مهيسر ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چتاءُ ڏيندي چيو ته شاگردياڻي سان انصاف نه ٿيو ته يونيورسٽي اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو، قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته وي سي شاگردياڻي خلاف ميڊيا مهم جوئي جو اعلان ڪري پنهنجو ڪردار مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو، هن مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ  وڪيل علي پلهه، سليمان ابڙي، صائما جعفري، ذوالفقار هاليپوٽي ۽ ٻين  حيدرآباد ۾ متاثر شاگردياڻي فرزانا جمالي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته قانون تي عمل نه ٿيڻ سبب شاگردياڻين کي هراسان ڪيو وڃي ٿو، هنن چيو ته هراسمينٽ جي واقعن کي روڪڻ لاءِ يونيورسٽين جا استاد ميمبر آهي، جن تي  هراسان ڪرڻ جا الزام لڳن ٿاهنن مطالبو ڪيو ته ڪميٽين ۾ غير جانبدار ماڻهو شامل ڪيا وڃن، ان موقعي تي فرزانا جمالي چيو ته پيءُ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري جيل ڀيڙو ڪرڻ هراسان ڪرڻ واري معاملي تان هٿ کڻائڻ جي ڪوشش آهي، هن مطالبو ڪيو ته پيءُ کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ممتاز سهتي، جسم چيئرمين عزيز الله ڀٽو، نواز شاهه ڀاڏائي، سنڌي عورت تنظيم جي اڳواڻن زاهدا ڏاهري، پ پ ش ڀ جي صدر علي احمد پليپوٽي ۽ ٻين مذمت ڪندي چيو آهي ته فرزانا کي هراسان  ڪرڻ سندس تعليم تباهه ڪرڻ جي سازش آهي، هنن مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي جي وي سي ۽ پروفيسر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.06

فرزانا سان ڪا جنسي زيادتي جي ڪوشش نه ڪئي آهي: پروفيسر عامر خٽڪ

نوابشاهه(ڊر)شهيد بينظير ڀٽو جرنل يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانه جمالي کي حراسمينٽ ڪرڻ وارو مامري جي سلسلي ۾ الزام هيٺ آيل شهيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي جي انگريزي ڊپارٽمنٽ جي انچارج پروفيسر عامر خٽڪ، فيمل استاد ميڊم نرگس مري ۽ ميڊم شاداب سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مون فرزانه جمالي سان ڪابه جنسي حراسمينٽ نه ڪئي آهي بلڪه فرزانه جمالي غير حاضر هئي ۽ انهيءَ تان کيس چيو جنهن تان سندس والد اعجاز جمالي مڇرجي 31 آگسٽ تي زيرو پوائنٽ 11 هٿياربندن سان گڏ مون تي حملو ڪري مون کي مارڻ لاءِ پسٽل جو فائر ڪيو جيڪو مس ٿي ويو ۽ پوءِ مونکي لٺيون ۽ ڏنڊا هڻي زخمي ڪيو آهي.  ۽ اهڙو ڪيس مان تعلقي ٿاڻي تي اعجاز جمالي ۽ ٻين هٿياربندن خلاف داخل ڪرايو آهي جنهن تان اعجاز جمالي وارا مڇرجي منهنجي شاگردياڻي فرزانه کي مون خلاف استعمال ڪري منهنجي خلاف جنسي حراسان جا بيان ڏيارا پيا وڃن.

فرزانا زيادتي کي 3 ڏينهن مڪمل، چونڊيل نمائندا سکڻي آٿت ڏيڻ لاءِ به نه آيا

نوابشاهه(ڊر)فرزانه جمالي جي واقعي کي 3 ڏينهن گذري ويا آهن پر ضلعي شهيد بينظير آباد سان تعلق رکندڙ پ پ پ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ۽ پ پ پ جا ضلعي اڳواڻ نياڻي وٽ آٿت به نه ڏيڻ لاءِ آيا آهن جنهن جي ڪري فرزانه جمالي جي وارثن ۾ سخت مايوسي واري لهر پکڙيل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے