15 جمعرات , نومبر 2018

پاڪستان جلد دنيا جي مضبوط معيشت بڻجي اڀرندو: راحيل شريف

Pakistan soon sees the strongest economy of the world: Raheel Sharifرياض(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آرمي چيف ۽ اسلامي فوجي اتحاد جي سربراهه راحيل شريف چيو آهي ته پاڪستان تمام جلد دنيا جي وڏي معيشت  بڻجندو. سعودي عرب ۾ بزم رياض جي اتنظام هيٺ آزادي واري ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪوٺايل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي آرمي چيف راحيل شريف چيو ته پاڪستان دنيا جو امن پسند ملڪ آهي ۽ هاڻ اهو رڳو اسان جو فرض آهي ته اسان پنهنجا سڀ اختلاف وساري هڪ ٿي وڃون.سندس چوڻ هو ته اڄ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي باصلاحيت ماڻهن جو قدر ڪيو پيو وڃي، مان سعودي عرب کان سواءِ سڄي دنيا ۾ ڪٿي به وڃان مونکي ان حوالي سان فخر ٿيندو آهي ته مان هڪ پاڪستاني آهيان. راحيل شريف چيو ته اسان قائداعظم ۽ علامه اقبال جي فرمانن جي روشني ۾ پنهنجي ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهيون. ان موقعي تي  پاڪستان جي سفير خان هاشم بن صديق تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جو فرض آهي ته ان نقش قدم تي هلندي ملڪ جي بقا لاءِ قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃون

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے