20 منگل , نومبر 2018

ٺٽي جي جابلو پٽيءَ واري علائقي ۾ ڏڪر…..

اطلاع آهن ته ٿر ۾ ڏڪار بعد هاڻي ٺٽي جي جابلو پٽيءَ ۾ به ڏڪار جي حالتن ڪرُ کنيو آهي، ٺٽي جي جابلو پٽيءَ ۾ ڏڪاري حالتون ٿر جي ڏڪاري حالتن کان گهٽ نه آهن، اطلاعن موجب ڏڪار جن علائقن کي پنهنجو نشانو بنايو آهي انهن ۾  ٺٽي جي اُتر اولهه واري وسيع جابلو علائقي تي مشتمل ڪوهستاني پٽي تي آباد ڪيترائي ڳوٺ ۽ وسنديون آهن جتي  مسلسل ڪيترن ئي سالن کان وٺي برساتون نه پيون آهن. جنهن سبب ڏڪاري حالتون پيدا ٿي ويون آهن.

جن علائقن ۾ ڏُڪار واريون حالتون پيدا ٿي ويون آهن انهن علائقن ۾  ڪوهستاني يوسيز جنگشاهي، جهمپير، ڄنگهڙي، ڪوهستان، ست ڀاڳي هڪ، جهرڪ ۽ اونگر جي ڪوهستاني علائقن ۾ مال ماڙي کان ويندي ساڏورو مڪان، ڪروٺڙو مڪان، اُڃ ماريو مڪان، ٿَرڙي، براد آباد، ڄَنگهڙي، ميٽنگ ريلوي اسٽيشن، لُوڻي ڪوٽ، آڃڻي مڪان، ڀوڀر مڪان، ميراڻ مڪان، ڪلو کوهر، گوگڙو پير، نوري آباد، اسحاق کُوهه، لويارو ۽ نيهي مڪان تائين جا علائقا شامل آهن.

سموري ڪوهستاني پٽيءَ واري علائقي ۾ کُوهه سڪي ويا آهن ۽ جَر انتهائي هيٺ ٿي ويو آهي جنهن ڪري پاڻيءَ جي سخت کوٽ ٿي پئي آهي ٻئي پاسي انهن علائقن ۾ گذريل ڪيترن سالن کان برساتن جو سلسلو به رڪيل آهي برساتون نه پوڻ ڪري چوپائي مال جون چراگاهون پڻ سُڪي تباهه ٿي ويون آھن جڏھن ته ڏڪاري حالتون پيدا ٿيڻ ڪري ڪوھستاني پٽي جي ڪيترن ئي علائقن ۽ سوين ڳوٺن ۾ غذائي شين جي کوٽ پڻ پيدا ٿي وئي آھي، اھڙي صورتحال سبب ڪوھستاني پٽيءَ جي علائقن ۾ بيمارين پڻ جنم ورتو آھي،

متاثر علائقن مان ڳوٺاڻا وڏي پئماني تي لڏي رهيا آهن جن مان اڪثر ماڻهن ٺٽي جي بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ تيز ڪري ڇڏي آهي، ڏُڪاري حالتن جي ڪري صورتحال انتهائي سنگين ٿي ويئي آهي ۽ معصوم ٻارڙا وبائي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، وڏي الميئي جو خطرو پيدا ٿيڻ باوجود جهمپير ۽ جهرڪ جي صحت مرڪزن سميت باقي سموري ڪوهستان ۾ ڪابه صحت جي سهولت ميسر نه آهي، جڏهن ته انهن صحت مرڪزن ۾ به انساني زندگيون بچائڻ واريون قيمتي دوائون، نانگ جي ڪکڻ ۽ ڇتي ڪُتي جي چڪڻ کان بچاءَ واريون انجيڪشنون توڙي ايمبولينسز موجود نه هجڻ ڪري ايمرجنسي واري صورتحال ۾ کين سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پوي ٿو،

ٺٽي جي جابلو پٽيءَ ۾ آيل ڏڪار جي صورتحال بعد جيڪو پهلو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي اهو آهي سرڪار جو نوٽس نه وٺڻ، پر ان کان جيڪڏهن ٿورو اڳتي ڏسنداسين ته ضلعي سطح تي ڊپٽي ڪمشنر به ان جو نوٽس نه ورتو آهي، جڏهن ته تعلقي سطح تي قائم ڊسپينسرين ۽ صحت مرڪزن ۾ هنگامي بنيادن تي ڏڪار سٽيل ماڻهن جي ڪنهن قسم جي طبعي امداد لاءِ ڪابه نه دوا درمل آهي ۽ نه ئي وري ڪو ڊاڪٽر يا ٻيو ڪو طبي عملو موجود هوندو آهي.

جڏهن ته متاثر ڪوهستاني علائقن ۾ لاڳاپيل اختيارين پاران پاڻي، چوپائي مال جي علاج  لاءِ پڻ هنگامي بنيادن تي قدم نه کَڄڻ ڪري چوپائي مال ۾ بيماريون ڦهلجڻ لڳيون آهن. ڪوهستان جي مالوند ماڻهن ڪوهستاني ڏڪار سٽيل علائقن ۾ چوپائي مال جي پالنا واري کاتي پاران وٽرنري ڊاڪٽرن جون ٽيمون نه موڪلڻ توڙي جهمپير ۽ جنگشاهي جو وٽرنري عملو غائب هجڻ ڪري سندن چوپايو مال ڏُڪار سبب پيدا ٿيل مختلف بيمارين جو شڪار ٿي مرڻ لڳو آهي، جنهنڪري کين سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ٿر کان پوءِ هاڻي ٺٽي جي جابلو پٽيءَ وارو علائقو پڻ ڏڪاري حالتن جي ور چڙهي پنهنجي سنگينيءَ طرف وڌي رهيو آهي ۽ امڪان اهو آهي ته انهيءَ متاثر علائقي ۾ جيڪو جهمپير کان شروع ٿي ڄامشوري تائين وڃي ٿو سمورو جو سمورو علائقو ڏڪاري حالتن جي ور چڙهي ويو آهي، اهو پهريون دفعو نه آهي جو ڪوهستاني پٽيءَ وارا جابلو علائقا ڏڪار جي ور چڙهيا هجن پر ان کان اڳ به اهي علائقا ڏڪر جي ور چڙهندا رهيا آهن، ۽ هر دفعي انهن ماڻهن جي ڪا سهائتا نه ٿيندي آهي جنهن ڪري جانورن سميت ڪيئي انساني جانيون پڻ ڏڪاري حالتن ڪري اجل جو شڪار ٿي وينديون آهن، هاڻوڪن اطلاعن موجب به ڪجهه جانورن توڙي انساني آبادين ۾ وبائي بيمارين منهن ڪڍيو آهي جن ڪري ماڻهو تڪليفن ۾ مبتلا آهن.

انهيءَ سموري صورتحال ۾ متاثر علائقن جي ماڻهن جي جيڪا فوري گهر يا سرڪار کي اپيل آهي، اها آهي فوري طور پاڻي، مال جو چارو ۽ مال لاءِ وٽنري ڊاڪٽر ۽ انسانن لاءِ علاج جون جوڳيون سهولتون فراهم ڪرڻ.

اسان هن نازڪ گهڙيءَ ۾ سنڌ سرڪار کي گذارش ڪنداسين ته ٺٽي جي جابلو پٽيءَ ۾ جيڪا ڏڪار جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي لائيواسٽاڪ وزارت ۽ صحت جي وزارت کي ترت قدم کڻي متاثر علائقن تائين فوري مدد پهچائجي، جڏهن ته ڏڪار سٽيل حالتن جو مجموعي طور تي جائزو وٺي انهن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومتي سطح تي اپاءَ وٺڻ جي سخت ضرورت آهي، ته جيئن ڪنهن وڏي انساني المئي کان بچي سگهجي.

اسين سمجهون ٿا ته پنهنجن ماڻهن جي سار سنڀال لهڻ، قدرتي توڙي سماجي بحران دوران پنهنجن ماڻهن جي مدد ڪرڻ دنيا جي هر حڪومت جو فرض هوندو آهي، ڇو جو عوام هميشه پنهنجن مسئلن ۽ مشڪالتن جي حل لاءِ پنهنجي حڪومتن ڏانهن ئي واجهائيندو آهي جو عوام سمجهي ٿو ته حڪومت تي ئي سندن مدد ڪرڻ فرض آهي نه ڪي ڪنهن ٻئي تي.

اربع 5 سيپٽمبر  2018ع، 24 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا جيئڻ جي جاٰءِ آهي

سڀاڻي سموري دنيا ۾ سهپ / بردباريءَ ۽ رواداريءَ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. نهايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے