16 جمعہ , نومبر 2018

سنڌ ۾ اسلام ۽ سنڌي زبان جي اهميت

حافظ سڪندر تنيو

گهڻو ڪري چيو ويندو آهي ته سنڌ ۾ اسلام محمد بن قاسم جي فتح مهل آيو، سنڌين جي واقفيت اسلام سان محمد بن قاسم ڪرائي، جيڪا ڳالهه سراسر غلط آهي، محمد بن قاسم جو حملو اسلام جي پذيرائي ڪرڻ نه پر جيئن آمريڪا جو حملو عراق ۽ افغانستان تي ڏاڍ مڙسي ڏيکارڻ وارو هيو، تيئن ئي هي به هئو. آمريڪا هٿ ٺوڪيو بهانو گهڙيو ته عراق وٽ ڪيميائي هٿيار آهن ۽ اسامه بن لادن نائين اليون جي حملن ۾ ملوث آهي، اهي بهانا گهڙي ٻنهي ملڪن کي آمريڪا تاراج ڪري ڇڏيو، روس جي اچڻ کان اڄ تائين لکين ماڻهو افغانستان ۾ مارجي ۽ اپاهج بڻجي چڪا آهن، پر هنن ڏاڍن مڙسن جي دل ۾ انساني رحم جو ذرو به پيدا ٿي نه سگهيو آهي.

اهڙي طرح احمد شاھ ابدالي جو دهلي کي تاراج ڪرڻ، محمود غزنوي جو سومناٿ مندر مان سون کڻي وڃڻ، سنڌ جي مسلمان حڪمران جي دارالحڪومت منصوره کي مليا ميٽ ڪري ملتان کي ڦرڻ لٽڻ پڻ، آڏواڻي پاران بابري مسجد کي ڊاهڻ، جهڙا ڏوھ سڀني جا هڪ جهڙا ئي سمجهيا ويندا ۽ سامونڊي قزاقن جي حملن جو جواز ڄاڻائي سنڌ تي حملو ڪرڻ پڻ ساڳي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو.

اسلام سنڌ ۾ پياري پيغمبر محمد ڪريم جي حياتيءَ ۾ اچي چڪو هيو، سنڌي ماڻهو اسلام کان ان وقت واقف ٿي چڪا هئا. مون هڪ خط مشهور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي لکيو هئو ته اوهان اسان تنيا قبيلي کي سنڌ جي سماٽ قبيلن يا ٻروچ قبيلن ۾ نٿا ڳڻايو، جڏهن ته اسان جو وجود صدين کان سنڌ ۾ موجود آهي، اسين ڌرتي جا ٿڃ پياڪ حلالي پٽ بڻيل آهيون ته پوءِ ٻڌايو ته اسانجو حسب نسب ڪهڙو آهي؟

ڊاڪٽر صاحب جوابي خط لکي چيو ته اوهين عرب نسل جا قريش قبيلي جا آهيو، ھن لکيو ته هو ”جڏهن نوشهري فيروز ۾ خانبهادر الهندي شاھ جي جوڙايل مدرسي ۾ پڙهندو هيس ته اتي سنڌي تنيا استاد پڻ پڙهائيندا هئا، جن وٽ نسبي شجرو هيو، جيڪو قريش سان ملندو هيو، اوهان تي ڌنڌي جي لحاظ کان جيئن سنڌي ذاتيون بڻيون، تيئن اوهان هتي اچي ڪپاھ جي تنڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيو، ان ڪري تنيا قريشي سڏجڻ لڳا“.

هڪ مضمون عوامي آواز مئگزين ۾ محترم غلام حسين رنگريز ذاتين بابت لکيو هيو، جنهن ۾ هن پڻ تنين کي شامل نه ڪيو، مون کيس فون ڪئي ته اسان تنين کي اوهان سنڌ جي قبيلي ۾ شامل ڇو نٿا ڪريو؟ رنگريز صاحب مونکي ٻن محققن هڪ انگريز ۽ هڪ ميمڻ هيو انهن جي ڪتابن جا حوالا ڏنا جن لکيو آهي ته سنڌ جا تنيا عرب نسل منجهان آهين. سندن شجرو صديقي قريشي عرب قبيلن سان ملي ٿو، رنگريز صاحب ان صديقي نک جو نالو به ٻڌايو هيو، بهرحال منهنجو موضوع سنڌ ۾ اسلام ڪڏهن آيو سو آهي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي متوفي (1759ع)پنهنجي اڻ ڇپيل قلمي بياض ۾ ته علاما جلال الدين سيوطي جي حوالي سان لکيو آهي ته نبي اڪرم جي زماني ۾ پنج صحابي حضور پاڪ جو خط کڻي سنڌ آيا ھئا، جڏهن اهي سنڌ جي مشهور شهر نيرن (حيدرآباد) پهتا ته ڪيترائي ماڻهو اسلام قبول ڪري ويٺا، تن مان ٻه صحابي واپس عربستان هليا ويا ٽي ڄڻا هتي رهجي ويا، جن جون قبرون پڻ سنڌ ۾ آهين، ٻيو واقعو به مخدوم صاحب ئي لکيو آهي حضرت علي سائين جي پٽ محمد حنيفي جي ذريعن سان هن لکيو آهي ته هڪ ڏينهن ٻه وفد هڪ آفريڪا کان ٻيو سنڌ کان حضور پر نور جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، ٻئي وفد اسلام قبولي سندس آغوش ۾ اچي ويا، حضرت علي سائين جو اهو فرزند سندس گهر واري حنيفه جي بطن مان ڄاول هيو، ابن قتيبه مورخ جي چواڻي ته اها خاتون سنڌي نسل منجهان هئي، سوين واقعن مان هي ٻه واقعا عرب ۽ سنڌ جي پراڻن لاڳاپن کي واضح ڪن ٿا، وڌيڪ تحقيق سيد سليمان ندوي جي ڪتاب ”عرب و سنڌ ڪي تعلقات“ ۾ ڏسي سگهجي ٿي، ھن مان ثابت آهي ته هي ٻيئي قومون هڪ ٻئي لاءِ اوپريون نه هيون.

ابو عطاءِ افلع بن يسار (775 ع) ۽ امام مڪول تابعي (730 ع) پڻ سنڌي هئا، جن سنڌي ادب، زبان۽ رسم الخط تي گهرا اثر ڇڏيا آهين. جيڪي تاريخ جي اٿاهه ڪتابي ذخيرن ۾ پوريل آهن جن کي پڙهي سگهجي ٿو.

ھيءَ به هڪ مڃيل حقيقت آهي ته هندستان جي پراڻي زبان سنسڪرت هئي، جنهن جي معني’مهذب ۽ شائستگي واري نڪري ٿي، اهڙي طرح هندستان جي مختلف علائقن ۾ جيڪا رابطي جي زبان جو ڪم ڏيندي هئي ان کي (پراڪرت) چيو ويندو هيو، انهن ٻنهي زبانن کان سواءِ ٻيون ڪيتريون ئي علائقائي زبانون رائج هيون جيڪي پنهنجن علائقن ۾ ڳالهايون وينديون هيون، تن ۾ سنڌ کان ڪابل (ڪابول) تائين ڳالهائي ويندڙ زبان جو نالو (ورچڊ) هيو ۽ ڪابل ۽ ملتان تي حاڪميت سنڌ جي هوندي هئي، جڏهن سنڌين ۽ عربن جا تعلقات وڌيا ته ورچڊ علائقي جي نسبت سان سنڌي زبان جو روپ ڌاري ورتو، هاڻوڪي سنڌي زبان جيڪا تقريبن اسلام جي شروعاتي زماني کان علائقي جي زبان هلندي اچي ٿي سا هڪ تهذيبي خاندان سان تعلق رکي ٿي، سندس مفردات جيتوڻيڪ سنسڪرت مان ڄاول آهين پر مرڪبات جو سمورو سڱ(رشتو) عربي سان ڳنڍيل رهيو آهي، سندس عربي رسم الخط ان جي شاهدي ڏيئي رهي آهي.

جيڪڏهن ان رسم الخط کي پنهنجي تهذيبي رشتي کان ڌار ڪري ڇڏجي ته هو پنهنجي معنوي ۽ صورتي (ظاهري) اهميت وڃائي ويهندي،۽ ترقيءَ جون قدرتي واٽون وڌڻ جون سندس بند ٿي وينديون. اهڙي طرح جيڪڏهن پاڪستان جي زبانن جو تجزيو ۽ جائزو  ورتو وڃي ته اهي سڀ زبانون سنڌي زبان مان ڦٽي نڪتيون آهين، سنڌي زبان کي سندن ماءُ چئي سگهجي ٿو، پر ھاءِ گهل ڙي، جو جيڪا زبان هن خطي جي قديم زبان هئي اڄ ان کي ڄاڻي واڻي سرڪاري سر پرستي نٿي ڏني وڃي، ابتو کيس ختم ڪرڻ جون سازشون ڪيون ٿيون وڃن، ننڍڙيون ڳالهيون به سندس برداشت نٿيون ڪيون وڃن.

ڪجھه ڏينھن اڳ ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي مريضن سان سنڌي زبان ۾ ڳالهائڻ تي کيس شوڪاز نوٽيس ڏنو ويو هيو، سندس سنڌي ڳالهائڻ ڪبيرو گناھ ليکيو ويو هيو، وري تازو پني عاقل جي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ هڪ پروفيسر کي شاگردن سان سنڌي زبان ۾ ڳالهائڻ ڪري ۽ سندس بيڊ (پلنگ) تي سنڌي رلهي وڇايل هجڻ سبب نوڪري مان جواب ڏنو ويو آهي، انهن واقعن کي حب الوطني چئجي يا نفرتن جون چڻنگون چئجي.

خدارا هي اسان سڀني قديمي قومن، بلوچن، سنڌين، پٺاڻن، پنجابين جو ملڪ آهي، هر هڪ قوم جي زبان، تهذيب، ثقافت کي ترقي ڏيارڻ رياست جي فرضن ۾ شامل آهي ان ڪري سڀني قومن ۽ زبانن کي هڪ اک ڪري ڏسجي،نفرتن بجاءِ محبتن جا ٻوٽا پوکڻ گهرجن ته جيئن ان جو ڦل ۽ ڇانو ايندڙ نسل کائي سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ھندو برادريءَ جي ملڪيتن تي قبضا ۽ سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس.!! 

خادم رند پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پاران شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے