18 اتوار , نومبر 2018

انٽرنيٽ تي ٻارن جي جنسي استحصال کي روڪڻ لاءِ گوگل جو نئون ٽول متعارف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گوگل انٽرنيٽ تي ٻارن کي جنسي استحصال جي روڪ ٿام لاءِ نئون آرٽيفيشل انٽيلي جنس( اي آئي) ٽو متعارف ڪرايو آهي. جڏهن ته گوگل هي قدم برطانوي گهرو وزير ساجد جاويد جي مطالبي کان پوءِ کنيو آهي. رپورٽ موجب هي اي آئي ٽول انٽرنيٽ تي ٻارن کي جنسي استحصال جي نشاندگي ڪندو. هي فري ٽول تصوير جي سڃاڻپ ڪندو جيڪو ويب سائيٽ موڊريٽر کي ٻارن جي باري ۾ اڻ وڻندڙ مواد فوري هٽائڻ ۾ مدد ڏيندو. هي ٽول اي جي اوز ۽ گوگل جي پارٽنر ڪمپنيون کي دستياب هوندو ان کان پهريان آرٽيفيشل انٽيلي جنس ٽول جئين ته مائيڪرو سوفٽ جو فوٽو ڊي اين اي صرف پهريان کان نشاندگي ڪيل تصوير کي پڪڙي سگهندو هو، پر هاڻي نئي ٽول جي مدد سان نئي اپ لوڊ ڪيل تصوير ۽ ويڊيوز کي به فوري طور روڪي سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

روشني سان دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ جي تياري

سڊني(ويب ڊيسڪ)دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ تيار ڪرڻ جي ڪششن  ۾ آسٽريليا جي تحقيق به …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے