13 منگل , نومبر 2018

جيل انتظاميا پاران شرجيل ميمڻ جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جي سفارش

Recommendation of DNA testing of Sharjeel Alam by Jail Managementڪراچي(ويب ڊيسڪ) پ پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ اسمبلي جي ميمبر شرجيل انعام ميمڻ جي ڪمري مان شراب جون بوتلون هٿ اچڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ جيل انتطاميا سندس ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جي سفارش جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب جيل انتظاميا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جاچ ڪميٽي کي زباني درخواست ڪئي آهي جڏهن ته لکت ۾ درخواست جيل انتظاميا جي انڪوائري بعد ڪئي ڏني ويندي. ياد رهي ته شرجيل ميمڻ اطلاعات کاتي ۾ 6 ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن واري ڪيس ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي ۽ هو علاج جي سلسلي ۾ ضياءَ الدين اسپتال ۾ داخل هو جتي چيف جسٽس اچتو سندس ڪمري جو دورو ڪيو ته جتان مبينا شراب جون بوتلون هٿ آيون هيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے