20 منگل , نومبر 2018

عارف علوي صدارتي اميدوار طور ڪامياب : اليڪشن ڪميشن

اArif Alvi as presidential candidate: ECPسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر صدارتي چونڊ جو حتمي نتيجو مرتب  ڪري ڇڏيو جنهن موجب تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر عارف علوي کي صدارتي اميدوار طور ڪامياب قرار ڏنو ويو . اليڪشن ڪميشن فارم 7 تي صدارتي چونڊ جو حتمي نتيجو مرتب ڪيو . چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس(ر) سردار محمد رضا ريٽرننگ آفيسر طور حتمي نتيجو مرتب ڪيو. اليڪشن ڪميشن موجب صدارتي چونڊ ۾ گڏيل طور تي هڪ هزار 110 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، جنهن مان 28 ووٽ رد ٿيا جڏهن ته 1 هزار 82 ووٽن کي درست قرار ڏنو ويو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪامياب ٿيندڙ اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي کي گڏيل طور 576 درست ووٽ مليا. اليڪشن ڪميشن موجب صدارتي چونڊ جو حتمي نتيجو وفاقي حڪومت ڏانهن موڪليو پيو وڃي، صدر جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن وفاقي حڪومت جاري ڪندي. ياد رهي ته صدارتي چونڊ لاءِ ڪُل پارليامنٽ ۽ چئني صوبائي اسمبلين ۾ پولنگ بعد اليڪشن ڪميشن حتمي فيصلو اڄ لاءِ روڪي ورتو هو ۽ ريٽرننگ آفيسر چيف اليڪشن ڪمشنر ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿيڻ بعد حتمي نتيجو مرتب ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هوائي اڏن جي زمينن تي قبضا مافيا جا ديرا

لاهور(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف هوائن اڏن جي زمينن تي به مافيا جي قبضي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے