14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: دولتپورصفن: سپاف  پاران محمد اسماعيل ڏاهري جي گرفتاري خلاف احتجاجي ريلي

Dolatpur Safan: Protesting rally for the freedom of Muhammad Ismail Dahri*دولتپورصفن   ۾ سپاف  پاران پ پ اڳواڻ  محمد اسماعيل ڏاهري جي گرفتاري خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

سپاف جي مرڪزي  اڳواڻ مير گاجو ملاح ، حافظ نياز ڏاهري، سليمان ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو.

 اُن  موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو تھ بھ  مهينا گذري چڪا آهن ۽ مسلسل طور احتجاج ڪري رهيا آهيون، پر محمد اسماعيل ڏاهري کي آزاد نھ  ٿو ڪيو وڃي.

هنن  چيو تھ بنا جواز قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن اسماعيل ڏاهري کي غير قانوني هٿيار رکڻ ۽ ڌماڪيدار مادو رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي.

اڳواڻن چيو تھ    سياسي طور تي سردار محمد اسماعيل ڏاهري خلاف انتقامي ڪاروايون ڪيون پيون وڃن ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

هنن  مطالبو ڪيو تھ معاملي جي عدالتي  جاچ ڪرائي  داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري اسماعيل ڏاهري کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے