17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: ڏهرڪي: ايس ٽي پي پاران  شاگردياڻي فرزانا جمالي  کي حراسان ڪرڻ خلاف احتجاج

Daharki: STP  protest fot the justice of Farzana Jamali Case*ڏهرڪي   ۾  سنڌ ترقي پسند پارٽي  پاران  شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ شاگردياني کي حراسان ڪرڻ خلاف ۽ کيس انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

ڪارڪنن ڄام معشوق،  آفتاب خان شر،  گلزار شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  نوابشاھ جي مظلوم نياڻي فرزانه جمالي جي انصاف لاءِ ترقي پسند هائوس ڏهرڪي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي  مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ شهيد بي نظير ڀٽو يونيورسٽي جي پروفيسر عامر خٽڪ سنڌ جي نياڻي فرزانه جمالي کي حراسان ڪيو آهي جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

 هن چيو تھ سنڌ جي  تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردياڻين  سان پيش ايندڙ اهڙن واقعن جو  نوٽيس وٺي  ملوثن خلاف  قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جيئن اهڙا واقعا ٻيهر دهرائجي نھ سگهن…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏھرڪي: ايريا واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي سيڊا ولي محمد نائچ پاران گهوٽڪي ڪينال جو معائنو

ڏھرڪي ويجهو ايريا واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي سيڊا ولي محمد نائچ گهوٽڪي ڪينال پهچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے