23 منگل , اکتوبر 2018

پاڪستان ۾ هر سال 10 ارب ڊالرن جي مني لانڊرنگ ٿيندي رهي آهي: فيصل جاويد

The billions of dollars are going to be $ 10 billion in Pakistan every year: Faisal Javedاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر سال 10 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ٿيندي رهي آهي. تفصيل موجب اسلام آباد ۾ سينيٽر فيصل جاويد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته امير حڪمرانن غريبن جا پيسا پاڻ مٿان خرچ ڪيا، وزيراعظم هائوس تي عوام جا اربين رپيا خرچ ڪيا ويندا هئا، پهريون ڀيرو عوام کي وزيراعظم هائوس جا اندروني منظر ڏيکارينداسين. پريس ڪانفرنس ۾ وزيراعظم هائوس جا اندروني منظر ڏيکاريندي فيصل جاويد جو چوڻ هو ته عوام کي به خبر پئي ته ڪيئن عوام جي پيسن تي عياشي ڪئي ويندي هئي. عمران خان هاڻ وزيراعظم هائوس ۾ ناهي رهندو پنجاب هائوس وزيراعظم هائوس کان به وڌيڪ عاليشان آهي. هن چيو ته عمران خان جي رهائشگاهه 3 ڪمرن تي ٻڌل آهي ۽ 4 ڪنال کان به گهٽ جاءِ آهي، وزيراعظم هائوس 1100 ڪنالن جي رهائشگاهه تي ٻڌل آهي، حڪمرانن تي اعتماد بحال ڪرائڻ ضروري آهي ته جيئن ملڪ اڳتي وڌي، حڪمرانن عوام جو پيسو عوام تي خرچ ڪن اهو ضروي آهي. سينيٽر فيصل جاويد جو چوڻ هو ته عوام تي خرچ ٿيندڙ پيسن تي ڪرپشن يا مني لانڊرنگ ٿيندي هئي. پاڪستان ۾ هر سال 10 ارب ڊالرن جي مني لانڊرنگ ٿيندي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان عوام جي پيسي جي حفاظت ڪندو. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پاڪستان جو شمار گهٽ ٽيڪس ڏيندڙ ملڪن ۾ ڪيو ويندو آهي، عمران خان پنهنجي پهرين خطاب ۾ سادگي اختيار ڪرڻ جي شروعات ڪئي هئي، اسان نئين ۽ پراڻي پاڪستان جي حوالي سان آگاهه ڪندا رهنداسين. پريس ڪانفرنس ۾ وزيراعظم هائوس جي گاڏين جا ويڊيو فٽيج ڏيکاريندي فيصل جاويد جو چوڻ هو ته وزيراعظم هائوس جي 102 گاڏين کي نيلامي لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي، هي ويڊيو فٽيج ته پهرين قسط هئي هاڻ اسان کي گهڻو ڪجهه ڏيکارڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته غريب عوام جي حڪمرانن جون شاهي رهائشگاهون ڏيکاريندا رهنداسين، گورنر هائوسز، وزيراعليٰ هائوسز پڻ ڏيکارينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے